ٽنڊي باگي ۾ پ پ اڳواڻ پپو شاهه جي پٽ هٿان يو سي ڪلارڪ گولي هڻي زخمي

ٽنڊو باگو (ن ع آ) ٽنڊي باگي ۾ پ پ اڳواڻ پپو شاهه جي پٽ فائرنگ ڪري يو سي ڪلارڪ کي زخمي ڪري ڇڏيو جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد اسپتال منتقل ڪيو ويو. يو سي پهاڙ مري ۾ سرٽيفڪيٽ نه ٺهڻ تي پ پ اڳواڻ ۽ ايم پي اي ياسمين شاهه ۽ اڳوڻي صوبائي وزير سيد علي بخش عرف پپو شاهه جي پٽ نعمي شاهه ڪلارڪ تي پسٽل سان فائرنگ ڪئي. فائرنگ ۾ گولي لڳڻ سبب ڪلارڪ شهزاد خواجا زخمي ٿي پيو. زخمي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال نيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.