ميرپورخاص (ڊ ر) ميرپورخاص جي عوام کي نيڪاسي جو بھتر نظام فراھم ڪرڻ لاءِ سيوريج ۽ ڊرين جي ڏنل ميگا پروجيڪٽ ۾ مبينا ڪرپشن جي جاچ نيب حوالي ڪئي وئي آهي. ميرپورخاص جي وڪيل غلام نبي ميئو پاران سنڌ ھاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ ميرپورخاص ۾ داخل پٽيشن تي عدالت سڳوري پاران ميگا پروجيڪٽ جي جاچ نيب جي حوالي ڪري مڪمل رپورٽ جمع ڪرائڻ جون هدايتون ڏنيون آهن، عدالتي حڪم بعد نيب جي ٽيم ميگا پروجيڪٽ تي جاچ ڪرڻ لاءِ پنهنجي ٽيڪنيڪل ٽيم سان گڏ ميرپورخاص پهچي جاچ شروع ڪري ڏني آهي، جڏهن ته نيب جي ٽيم گذريل ڏينهن ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن مير شيرمحمد ٽالپر جي علائقن مهاجر ڪالوني، ٿامس آباد، مالهي ڪالوني، سيال ڪالوني سميت مختلف علائقن جا دورا ڪري ميگا پروجيڪٽ جي ٿيل ڪمن جو معائنو ڪيو ۽ عوام جون شڪايتون ٻڌيون. ٻئي طرف ميگا پروجيڪٽ جي عدالتي حڪم تي جاچ شروع ٿيڻ بعد لاڳپيل ڪامورن ۾ ٿرٿلو مچي ويو آهي.