لاهور(م ڊ) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته پنجاب جي عوام کي ٻن مهينن جي خيرات جي ضرورت ناهي، بجلي جي اصل قيمت لڳائي وڃي ۽ سڄي ملڪ ۾ هڪ ئي ٽيرف لاڳو ڪيو وڃي، اهڙن خيالن جو اظهار هن منصوره پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو، هن چيو ته ٻه ٽي ڀيرا وزير اعظم رھندڙ نواز شريف ھاڻ علائقائي سياست ۾ مصروف آهي، بجلي جي اگهن تي اسان جي خلاف ڪوڙي پروپيگنڊا ڪئي وئي، حڪومت کي بجلي ۽ ٽيڪسن تي عوام کي رليف ڏيڻو پوندو.حڪمران پنهنجون مراعتون بند ڪري، 28 آگسٽ تي ملڪ گير شٽر ڊائون، پهرين سيپٽمبر کان سمورن صوبن ۾ عوامي رابطا مهم شروع ڪئي ويندي. هن چيو ته واپاري تنظيمن به سڄي ملڪ ۾ هڙتال جو سڏ ڏنو آهي.، واپاري متحد آهن، جماعت اسلامي واپاري تنظيمن سان رابطي ۾ آهي، واپارين کي اپيل ڪريان ٿو ته هو پاڻ ۾ اتحاد برقرار رکن، فيض حميد بابت پڇيل سوال جو جواب ڏيندي هن چيو ته هو فوجي معاملن تي پنهنجي اداري جي احتساب جي حمايت ڪن ٿا، فوج کي اهو حق آئين ڏنو آهي پر جيڪڏهن ڪو سياسي معاملو آهي ته عوام کي ٻڌايو وڃي، ان کي ڳجهو نه رهڻ گهرجي، اهڙي طرح جيڪڏهن ڪرپشن جا ڪيس آهن ته ان جي شفاف جاچ ٿيڻ گهرجي ۽ سرحدن جي اسمگلنگ ۽ ٻين ننڍن ڏوهن جي حوالي سان دائرو وسيع ڪيو وڃي، ڪرپشن ۾ ملوث سمورن ڪردارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.