پاڻي جي قدرتي وهڪرن جي بحالي هڪ مسئلو

تحرير: غلام حسين جوڻو

اڳ ۾ قدرتي وهڪرن جا پنهنجا رستا هوندا هئا. جتان برساتي پاڻي لنگھي وڃي دريا ۾ پوندو هو. تڏهن ڪيتري به برسات پوندي هئي ڪو به نقصان ڪونه ٿيندو هو. پاڻي انهن وهڪرن جي رستن تان وهي ويندو هو. ان وقت، ڪن ماڻهن پاڻي جي نيڪال جي لاءِ هٿرادو رستا به ٺاهي ڇڏيا هئا. جتان پاڻي جو نيڪال سولائي سان ٿيندو هو. ڪابه تباهي ڪونه ٿيندي هئي ۽ نه وري ڪو نقصان ئي ٿيندو هو. ڪنهن کي ڪا تڪليف ڪونه ايندي هئي. اهو، قدرتي وهڪرن جي بحالي ۽ هٿرادو گس ٺاهي پاڻي کي اڳتي روانو ڪرڻ جو نتيجو هوندو هو.ماضي ۾ تمام گھڻيون برساتون پيون ۽ ٻوڏون آيون. جن مان ڪن جي مون کي به يادگيري آهي. پر، هتان جي رهواسين جا گھر ۽ مال متاع محفوظ رهيا. جانيون حفاظت ۾ رهيون. تڏهن 2022ع کان به وڌيڪ برساتون پيون هونديون. وڏيون ٻوڏون آيون هونديون. پر، ايتري پريشاني ڪونه ٿي هوندي. جيڪا هاڻ ٿوري برسات پوڻ سان ٿئي ٿي.

هاڻي پاڻي جي قدرتي وهڪرن تي قبضا ٿي ويا آهن پاڻي جي نيڪال جا رستا ڪونه آهن. جنهن ڪري پاڻي هيٺاهين جي طرف وهڻ شروع ڪري ٿو. پاڻي جي قدرتي وهڪرن کي وڏا بند ڏئي ۽ عمارتون ٺاهي روڪيو ويو آهي. جنهن ڪري پاڻي کي پنهنجي وهڪرن جا رستا پاڻ ٺاهڻا پون ٿا پاڻي فصلن ۽ باغن ۾ ڪاهيو پوي نتيجي ۾ زرعي فصل ٻڏيو وڃن. باغن ۾ پاڻي بيهجو وڃي. فصل ۽ باغ سڙي وڃڻ ڪري نقصان ٿئي ٿو. جنهن جو ازالو ڪرڻ به ممڪن ڪونهي. گھر، پاڻي لپيٽ ۾ اچيو وڃن گھرو ساز وسامان لڙهيو وڃي ٿو. اهڙو مشاهدو 2022ع واري برسات ۾ ڪيو ويو. سڀني ڏٺو ته برسات جو پاڻي هيٺاهين ۽ لهوارين زمينن ڏانهن وهڻ شروع ڪيو. جنهن هڻي سنڌ کي کنڊرات بنائي ڇڏيو. عوام دانهون ڪوڪون ڪيون. احتجاج ڪيا. ڌرڻا هنيا ۽ جلوس ۽ جلسا ڪري حڪومت کان اها گھر ڪئي ويئي ته پاڻي جي قدرتي وهڪرن کي جيڪي بند ڏنل آهن رڪاوٽون وڌيون ويون آهن ۽ انهن تي جيڪي قبضا ڪيا ويا آهن. اهي، في الفور ختم ڪرائي سنڌ کي ٻوڙڻ ۽ تباهي کان بچايو وڃي. پر، هن عوامي مطالبي ڏانهن حڪومت ڪوبه ڌيان ڪونه ڏنو. ويتر هٿرادو ڪٽ هڻائي ملڪ ٻوڙائي ڇڏيو. اهو، مطالبو نه رڳو 2022ع ۾ ڪيو ويو. پر، سنڌ ۾ پاڻي جي قدرتي وهڪرن تان قبضا هٽائڻ جو مطالبو سنڌ جو عوام وڏي وقت کان ڪندو پيو اچي ۽ اهو مطالبو هاڻ به ڪيو پيو وڃي. هاڻ ٿوري وقت ۾ وهڪرن وارن پيچرن ۽ گسن تي قبضي ڪرڻ ۾ واڌ ٿي آهي. اهو سلسلو اڃا به جاري آهي. اسان جي جمهوري حڪومت ان طرف ڌيان ڏيڻ ۽ ڪوبه قدم کڻڻ لاءِ تيار ڪونه ٿي نظر اچي. ان سلسلي ۾ بلڪل خاموشي اختيار ڪئي اٿس. خبر ناهي ته حڪومت کي ڪهڙي مجبوري آهي جو ان واٽ ۾ ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار ڪونه آهي.

پاڻي جا قدرتي وهڪرا ان ڪري بحال ڪرڻ جي اشد ضرورت آهي ته جيئن ٻوڏن، برساتن يا ٻين قدرتي آفتن جي صورتن ۾ پاڻي جو گذر بنا ڪنهن رنڊڪ ۽ رڪاوٽ جي ٿي وڃي. پاڻي کي ڪٿي به روڪ نه ٿئي. آئون اڳ ۾ عرض ڪري آيو آهيان ته، جڏهن مذڪوره وهڪرن کي قبضن وسيلي بند ڪيو ويندو ته پوءِ نتيجو اهو نڪرندو جو هر پاسي تباهي ۽ بربادي ٿيندي. جاني توڙي مالي نقصان ٿيندو. ماضي ۾ اسان اهو ڏسي چڪا آهيون ته قدرتي پاڻي جي وهڪرن تان قبضا ختم نه ڪيا ويا ته پوءِ ان جو ڪهڙو نتيجو نڪتو. ماڻهو ٻڏا ۽ دربدر ٿي ويا. وڏي تعداد ۾ نقصان ٿيو. ان نقصان جو ڪاٿو لڳائڻ به مشڪل ٿي پيو هو. جنهن جو اڄ ڏينهن تائين ازالو ٿي نه سگھيو آهي. ان ڪري سنڌ جا رهواسي اڄ به پريشان آهن. خاص ڪري غريب طبقو انيڪ پريشانين کي منهن ڏيئي رهيو آهي اڄ به اهو طبقو بي گھر بڻيل آهي. جيڪو مدد لاءِ وانجهائيندو رهي ٿو. غريب ماڻهن جي حالت رحم جوڳي بڻجي وئي آهي.

هن وقت به ٿوري برسات پوي ٿي يا ٻوڏ اچي ٿي ته، قدرتي وهڪرا بند هئڻ ڪري وڏو نقصان ٿيو پوي. ياد رهي ته، جيڪڏهن پاڻي جي قدرتي وسيلن کي بحال نه ڪيو ويو ته يقين ڄاڻو ته مستقبل ۾، ٻوڏ يا برسات جي ڪري وڏي تباهي اچي سگھي ٿي. تنهن ڪري حڪمرانن کي هينئر سان اک پٽڻ گھرجي. هن طرف مڪمل ڌيان ڏيڻ گھرجي. بيان ڪيل وهڪرن جي بحالي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل هئڻ گھرجي. ان حوالي سان حڪومت کي تڪڙا ۽ مناسب قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن حڪومت اڃا به خاموش رهي ته گھڻين برساتن ۾ سنڌ مڪمل طرح ٻڏي سگھي ٿي. وڏي نقصان جو خطرو آهي. ان خطري کي هرگز نظرانداز ڪري نه ٿو سگھجي. هن خطري کان بچاءَ لاءِ حڪومت کي تحرڪ ۾ اچڻ گھرجي. هتي اها ڳالهه واضح ڪندو هلان ته، ٻوڏ ۽ پلر جي پالوٽ کان علاوه ڊرينيج جي ڪري به ٻوڏ ٿئي ٿي. سنڌ جي ڳوٺن توڙي شهرن ۾ نيڪال جو سرشتو ناقص، انتهائي خراب ۽ خسته حالت ۾ آهي. اهو سسٽم به سنڌ کي بدبودار ڪري رهيو آهي ۽ مختلف بيماريون پکيڙي رهيو آهي. جنهن ڪري ان صورتحال ۾ صحتمند معاشرو هرگز ۽ ڪڏهن به قائم ٿي نه ٿو سگھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.