بجلي بلن ۾ رليف جو پڙاڏو، برساتن سبب صورتحال خراب آھي، نمائندا تڪن ۾ وڃن: سنڌ اسيمبلي

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ ۾ ھلندڙ طوفاني برساتن سبب پيدا ٿيل ڳڻتي جوڳي صورتحال سبب سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ڪجهھ دير جي ڪاروائي کانپوءِ اڱاري 27 آگسٽ تائين ملتوي ڪيو ويو آهي، اجلاس ملتوي ڪرڻ جي تجويز سنڌ اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر آغا سراج دراني پاران پيش ڪئي وئي، مخالف ڌر تجويز  جي مخالفت نه ڪئي، ڪالهه سومر تي سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر سيد اويس قادر شاھ جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس دوران اڳوڻي اسپيڪر آغا سراج دراني پوائنٽ آف آرڊر تي ڌيان ڇڪايو ته سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ سانوڻي جي برساتن تباھي مچائي ڇڏي آھي،گذريل ٻن ڏينھن کان صورتحال انتھائي خراب آھي، آزمائش جي ھن گھڙي ۾ چونڊيل نمائندا تڪن ۾ ھجن ته جيئن متاثر ماڻھن جي امداد ٿي سگھي، ان لاءِ اجلاس ھفتي لاءِ ملتوي ڪيو وڃي، اسپيڪر ان تجويز تي اتفاق ڪندي ايوان کان راءِ ورتي، جنهن تي مخالف ڌر به ان تجويز جي مخالفت نه ڪئي، جنھن کانپوءِ  پارلياماني معاملن واري وزير ضياءِ الحسن لنجار اجلاس اڱاري 27 آگسٽ تائين ملتوي ڪرڻ جي رٿ پيش ڪئي، جيڪا اتفاق راءِ سان منظور ڪئي وئي، ايوان جي ڪارروائي دوران پيپلزپارٽي جي امداد پتافي پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائيندي چيو ته سکر ۽ حيدرآباد موٽر وي جي حالت خراب آھي، اتي روزانو خطرناڪ حادثا ٿين ٿا،ڪجھه ڏينھن اڳ ٿيل حادثي ۾ ست ڄڻا فوت ٿي ويا، جن ۾ ٻه سڳا ڀائر به شامل ھئا، حڪومت انھن ٻنھي شھرن وچ ۾ موٽروي کي جلد مڪمل ڪرائي، جڏهن ته گاڏين جي فٽنس چيڪ ڪرڻ به انتھائي ضروري آھي، اسپيڪر پارلياماني وزير جي تجويز تي معاملو سنڌ ڪابينا کي غور لاءِ اماڻڻ جي رولنگ ڏني، ھن چيو ته پنجاب ۾  بجلي صارفين کي 14 رپيا في يونٽ جو رليف ڏنو ويو آهي، سنڌ به به اھا سھولت ڏني وڃي ۽ نئون اين ايف سي ايوارڊ آندو وڃي، پي ٽي آءِ جي حمايتي ميمبر شبير قريشي چيو ته امداد پتافي سنڌ جي مسئلن جي صحيح طرح نشاندهي ڪئي آهي حڪومت کي گھرجي ته اھا گھٽ ۾ گھٽ اھا خوشخبري ڏئي ته حيدرآباد سکر موٽروي گھٽ ۾ گھٽ ھنن پنجن سالن ۾ ضرور ٺھندو، ان موقعي تي نثار احمد کھڙو چيو ته اهو معاملو نيشنل ھاءِ وي اٿارٽي جي زمري ۾ اچي ٿو، صوبائي زمري ۾ نه ٿو اچي، 2018 کان وٺي 2022 تائين حڪومت ۾ رھندڙن کان پڇيو وڃي ته انھن ھڪ سر به ڇو نه لڳائي، ھي ھڪ وفاقي منصوبو آھي، جنھن کي مڪمل ڪرڻ جي ذميداري سنڌ حڪومت جي نه پر وفاقي حڪومت جي آھي، جماعت اسلامي جي ميمبر محمد فاروق چيو ته تازين برساتن ڪراچي شھر جو سمورو نظام ڊانواڊول ڪري ڇڏيو آهي،ڪراچي واٽر ڪارپوريشن جي اداري کي ٽائون سطع تي ورھايو وڃي، برساتن سبب جيڪو نقصان ٿيو آھي ان لاءِ سنڌ حڪومت اسپيشل گرانٽ رکي، ايم ڪيو ايم جي محمد وسيم چيو ته ڪراچي جي گھٽي گھٽي ۾ گندو پاڻي بيٺل آھي، ايوان جي ڪارروائي دوران اسپيڪر ريحانه لغاري، طحي احمد، مخدوم فخر الزمان ۽  ماروي راشدي تي ٻڌل چار رڪني پينل آف چيئرمين جو به اعلان ڪيو، بعد ۾ اسپيڪر اجلاس 27 آگسٽ منجھند ٻي وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.