پنجاب حڪومت تي تنقيد بدران عوام کي رليف ڏيو: وفاقي سرڪار

اسلام آباد (بيورو/ م ڊ) سڌ سماءَ واري وزير عطاءُ تارڙ چيو آهي ته وفاقي حڪومت سڄي ملڪ ۾ هڪ کان 200 يونٽ بجلي استعمال ڪندڙن کي رليف ڏنو آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته  حڪومت عوام جي ڀلائي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، ۽ ميان نواز شريف جي قيادت ۾ پهرين ترجيح بجلي جي بلن ۾ رليف ڏيڻ هئي. ان حوالي سان بحث شروع ٿي ويو آهي.  وفاق سڄي ملڪ ۾ هڪ کان 200 يونٽ محفوظ ۽ غير محفوظ استعمال ڪندڙ صارفين کي رليف فراهم ڪيو آهي،  حڪومت ترقياتي بجيٽ ۾ 50 ارب رپيا ڪٽوتي ڪري رليف ڏنو. هن چيو ته ان کانپوءِ پنجاب حڪومت سبسڊي ڏيڻ جو سٺو قدم کنيو، سڀني صوبائي حڪومتن کي اختيار آهي ته وڌيڪ سبسڊي ڏين، جيڪڏهن صوبائي حڪومت ڪو قدم کنيو ته سڀ حڪومتون ڪري سگهن ٿيون، مون کي اميد آهي ته عوام ٻيا صوبا به ان جي تعريف ڪندا، وفاقي حڪومت آءِ ايم ايف معاهدي کي نظر ۾ رکندي جيڪو ڪجهه ڪري سگهي ٿي، اهو ڪري رهي آهي. وفاقي وزير چيو ته پنجاب حڪومت عوام کي رليف ڏنو آهي، اهو صوبي جو پنهنجو معاملو آهي، ان تي تنقيد ڪرڻ بدران ان کي ساراهڻ گهرجي. منهنجي گذارش آهي ته عوام کي رليف ڏيڻ ضروري آهي، 14 آگسٽ تي پيٽرول جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪئي وئي. اها حڪومت مهانگائي کي گهٽائڻ ۽ ماڻهن جي زندگين کي آسان بڻائڻ لاءِ آهي.مان سڀني کي گذارش ڪريان ٿو ته ان کي ساراهيو ۽ هن نموني کي اڳتي وڌايو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.