ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي صوبائي وزير سعيد غني پنجاب حڪومت جي سستي بجلي اسڪيم کي سياسي شو قرار ڏئي ڇڏيو.پنهنجي هڪ بيان ۾ سعيد غني چيو ته پنجاب حڪومت جي اسڪيم 45 ارب جي آهي، اشتهاري مهم تي خرچ ٿيندڙ اربين رپيا الڳ آهن.سعيد غني چيو ته سنڌ حڪومت ڪنهن جي به پويان نه لڳندي، عوام کي ٻن مهينن لاءِ ٻه چار هزار رپيا رليف ڏيڻ بدران مستقل بنيادن تي مسئلو حل ڪيو وڃي ته سنڌ حڪومت به 45 ارب رپيا ڏيڻ لاءِ تيار آهي.