اسلام آباد (بيورو+م ڊ ) پنجاب حڪومت اسلام آباد جي شهرين کي به 2 مهينن لاءِ سستي بجلي ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جي هدايت تي اسلام آباد جي بجلي ڪمپني سان گڏ لاهور، گوجرانوالا، فيصل آباد ۽ ملتان جي بجلي ڪمپنين کي خط اماڻيا ويا آهن.سينئر وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته 201 کان 500 يونٽ استعمال ڪندڙن کي آگسٽ ۽ سيپٽمبر جي مهينن ۾ 14 روپيه في يونٽ سستو ڏنو ويندو، اهو رليف پنجاب جي بجيٽ مان ڏنو ويو آهي، ٻين صوبن کي به اختيار آهي ته اهي پنهنجي بجيٽ مان عوام کي رليف ڏين. ياد رهي ته گذريل هفتي مسلم ليگ(ن) جي صدر نوازشريف پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي صوبي ۾ 500 يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙن کي 2 مهينن لاءِ 14 روپيه في يونٽ تائين رليف ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو. وزيراعظم شهباز شريف به پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جي بجلي جي قيمتن ۾ رليف جي قدمن جي تعريف ڪئي هئي.