سڄي پاڪستان لاءِ بجلي جا اگهه گهٽايا وڃن: حافظ نعيم

ڪراچي(رپورٽر) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته بجلي بلن ۾ جيڪڏهن 45 ڏينهن اندر رليف نه ڏنو ويو ته هر  ڳوٺ مان لانگ مارچ نڪرندو، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته پاڪستان جي معيشت جو اڌ حصو ڪراچي مان آهي، صوبائي حڪومت جو 97، 98 سيڪڙو آمدني ڪراچي مان اچي ٿي. هن چيو ته غير جمهوري طريقي سان مڪاني نظام تي قبضو ڪيو ويو ۽ چون ٿا ته اسان جمهوري آهيون، هن وڌيڪ چيو ته پنجاب ۾ ٻن مهينن لاءِ 14 رپيا في يونٽ گهٽتائي جو اعلان ڪيو ويو، سڄي پاڪستان لاءِ بجلي جا اگهه گهٽ ڪيا وڃن، هاڻي ايئن نه ٿيندو ته آءِ پي پيز وارا توهان جا لاڏلا هجن ۽ بار وري عوام کڻي، جيڪڏهن گيس اچي رهي آهي ته بلوچستان کي ترجيح ڏني وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.