اسلام آباد(فخر دراني) آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه جنرل فيض حميد جو فيلڊ ڪورٽ مارشل شروع ٿي ويو،هن برگيڊيئر(ر)واصف خان نيازي کي پنهنجو وڪيل مقرر ڪري ڇڏيو،برگيڊيئر واصف آرمي جي جيڪ برانچ سان تعلق آهي، جنرل باجوا جي دور ۾ جاسوسي الزام ۾ گرفتار جنرل جاويد اقبال جي ڪورٽ مارشل ۾ هن جو دفاع ڪيو پر ان ۾ هو ناڪام ويو،واصف خان جنرل ظهيرالاسلام عباسي خلاف ڪيس ۾ به هن جو وڪيل رهيو، ذريعن موجب عمران خان جو به ملٽري ڪورٽ ۾ ٽرائل ٿيندو.