ثاقب نثار ۽ گهرڀاتين جو گهيرو تنگ

اسلام آباد(اعزاز سيد+فخر دراني+امداد سومرو+معظم فخر)بشريٰ بي بي ۽ نجم ثاقب آڊيو ليڪ ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار ۽ سندس گهرڀاتين خلاف گهيرو تنگ ٿي ويو،ثاقب نثار خلاف ڪارروائي ٿي سگهي ٿي، ثاقب نثار ۽ ٻين رٽائرڊ ججن خلاف ڪارروائي بعد ۾ ٿيندي ان کان اڳ حاضر سروس ججن خلاف ڪارروائي جو امڪان آهي،سپريم ڪورٽ جي آڊيو ليڪ ڪيس واري فيصلي جا ڏور رس نتيجا نڪرندا،جسٽس مظاهر نقوي جي به پرويز الاهي سان آڊيو ليڪ ٿي هئي، جج ۽ انهن جي گهرڀاتين جي سياسي معاملن ۾ ملوث هئڻ ۽ مرضي جي بئنچ جا معاملا آشڪار ٿيڻ کانپوءِ  رياست حرڪت ۾ ايندي آهي،فيض حميد نيٽ ورڪ ۾ ثاقب نثار سان گڏ جسٽس عمر عطا بنديال به رڳڙي ۾ ايندا، ٻئي اڳوڻا چيف جسٽس حڪومتن خلاف غيرآئيني فيصلن ۾ پيش پيش هئا،سپريم ڪورٽ عمران دار ججن جي سٽي گم ڪري ڇڏي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اڱارو 20 آگسٽ 2024ع تي شايع ٿيو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.