سکر ۽ گڊو بئراج وٽ وچولي درجي واري ٻوڏ،5 ڪئنال بند

سکر (رپورٽ:آزاد مهر)سنڌو درياءَِ ۾ سکر ۽ گڊو بئراج وٽ وچولي درجي واري ٻوڏ ايندڙ ٽن ڏينهن بعد گڊو بئراج وٽ پاڻي پنج لک ڪيوسڪ تائين پھچڻ جي صورت۾ وڏي ٻوڏ جا امڪان تيز برساتن سبب پنج ڪئنال بندٻن ڪئنالن ۾ ستر سيڪڙو پاڻي گھٽايو ويو خبر موجب لاڳيتو برساتن سبب سنڌو درياءَ پاڻي ۾ لاگيتو واڌ اچڻ سان سکر ۽ گڊو بئراجن وٽ وچولي درجي واري ٻوڏ ٿي وئي آھي ھن وقت سکر بئراج وٽ پاڻي جو مٿاھون وھڪرو  3لک 84ھزار 450ڪيوسڪ ھيٺاھون وھڪرو 3لک 72ھزار260گڊوبئراج وٽ پاڻي جو مٿاھون وھڪرو 4لک 3ھزار 559ھيٺاھون وھڪرو به 4لک 3ھزار 559ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آھي ھوڏانھن بئراج ڪنٽرول روم جي انچارج مولانا عبدالعزيز سومرو سان رابطو ڪرڻ تي ھن ٻڌايو ته ڪوھ سليمان جي پھاڙي علائقن تي مسلسل ھلندڙ برساتن وارو پاڻي جيڪو ھڪ لک ڪيوسڪ تائين اچڻ جي صورت ۾ ٽن ڏينهن بعد گڊو بئراج وٽ مٿاھين درجي واري ٻوڏ اچڻ جا امڪان آھن جيڪو گڏي سمورو پاڻي پنج لک ڪيوسڪ تائين ھوندو.ٻئي برساتن سبب سکربئراج جا پنج ڪئنال بند ڪري نارا ڪئنال ۽ کيرٿر ڪئنال جو 70سيڪڙوپاڻي گھٽائي بئراج جا گيٽ 22فوٽ مٿي کڻي پاڻي ڊائون ۾ ڇڏيو ويو آھي جڏھن ته چاچڙا گيج 9.5فوٽن تي پھچي ويو آھي ۽ تربيلا ڊيم ڀرجڻ کان صرف ھڪ فوٽ رھجي ويو آھي.ھن وقت ڊيم جي ليول 15.49فوٽن تي پھچي وئي آھي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.