پنجاب ۾ بجليءَ جي رليف تي پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي: مريم اورنگزيب

لاهور (م ڊ) پنجاب جي سينيئر صوبائي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ڪجهه ماڻهو بجلي جي رليف تي پروپيگنڊا ڪري رهيا آهن، اها پروپئگنڊا صوبن ۾ اختلاف پيدا ڪرڻ جي ڪوشش آهي، لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته 500 يونٽن تائين بجلي جي صارفين لاءِ رليف جو اعلان ڪيو ويو آهي، پنجاب جي عوام کي بجلي جي بلن ۾ 45 اربن جو رليف ڏنو ويو آهي ڪروڙين رپيا ڏنا پيا وڃن، صوبن کي گهرجي ته عوام کي رليف ڏيڻ ۾ وفاق جي مدد ڪن. هن چيو ته عوام کي رليف ڏيڻ تي پروپئگنڊا شروع ڪئي وئي آهي. هن چيو ته ملڪ جي معيشت کي تباهه ڪرڻ ۽ مهانگائي وڌائڻ وارن کي شرم اچڻ گهرجي. اسان چاهيون ٿا ته پنجاب وانگر ٻين صوبن ۾ به رليف ڏنو وڃي.

  1. بنگلاديش ۾ عوامي ردعمل جي خدشي سبب تيل جا اگهه وڌائڻ جو فيصلو ملتوي

ڍاڪا (م ڊ) بنگلاديش حڪومت عوام جي بيچيني جي ڊپ سبب پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جو فيصلو ملتوي ڪري ڇڏيو آهي. بنگلاديشي ميڊيا موجب توانائي ۽ معدني وسيلن واري وزارت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جي تجويز تي فيصلو ملتوي ڪري ڇڏيو آهي. وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جي تجويز تي اخبارن ۾ ناڪاري خبرون آيون هيون ۽ خدشو آهي ته ان واڌ سان عوام ۾ پريشاني پکڙجي ويندي. ان لاءِ  واڌ ۾ واڌ واري تجويز تي فيصلو ملتوي ڪيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.