گهوٽڪي ۽ ميرپورماٿيلي ۾سماجي ڪارڪنن مٿان ڪيس داخل ٿيڻ خلاف احتجاج

گهوٽڪي/ ميرپورماٿيلو (نمائندن وٽان  ) گهوٽڪي ۽ ميرپورماٿيلو ۾سماجي  ڪارڪنن مٿان ڪيس داخل ٿيڻ خلاف احتجاجي  مظاهرو ڪيو ويو، جسقم جي سڏ تي نثار بوزدار ۽ جنيد جي گرفتاري خلاف مظاهرو ڪيو ويو، ميرپور ماٿيلو ۾ نثار بوزدار ۽ جنيد جلباڻي مٿان اي ٽي سي جو ڪيس داخل ٿيڻ خلاف جسقم پاران ايس ايس پي گھوٽڪي خلاف نڪتل ريلي بعد ميرپورماٿيلو ٿاڻي تي 26 سڃاتل ۽ 80/90 اڻ سڃاتل ماڻھن مٿان ميرپور ماٿيلو ٿاڻي تي سرڪار پاران ٿاڻي تي قيد نثار بوزدار ۽ جنيد جلباڻي کي ٿاڻي تي حملو ڪري ڇڏائڻ جو دھشتگردي ايڪٽ جو  ڪيس داخل خبر موجب ميرپور ماٿيلو ۾ جسقم جي ڪارڪنن پاران نثار بوزدار ۽ جنيد جلباڻي مٿان اي ٽي سي جو ڪيس داخل ڪرڻ خلاف ريلي ڪڍي ايس ايس پي گھوٽڪي خلاف سخت ناري بازي ڪئي وئي، هوڏانهن  ميرپورماٿيلو ۾ جسقم پاران ميرپورماٿيلو شهر جي گھنٽا گھر چوڪ کان ريلي، ميرپورماٿيلو پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي،  شهيد صحافي نصرﷲ گڏاڻي جي وارثن کي انصاف ڏيارڻ توڙي شهر جي ٻين مسئلن تي آواز اٿارڻ تي ميرپورماٿيلو پوليس مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن مٿان دهشتگردي جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪري زيادتي ڪئي آهي، سوشل ورڪرن مٿان داخل ڪوڙو ڪيس ختم ڪري گرفتار ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.