اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر عارف علوي چيو آهي ته قمر باجوا جي ڪورٽ مارشل بابت عمران خان کان پڇو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ گفتگو دوران صحافين سوال ڪيو ته توهان سپريم ڪمانڊر هئا، جنرل فيض تي ڪيترائي الزام لڳا، جنهن تي عارف علوي چيو ته بعد ۾ گهڻو ڪجهه ٿيندو رهيو، منهنجي نوٽيس ۾ گهڻو ڪجهه هو، هاڻ جيڪو ٿيندو اهو سٺو ٿيندو.
جنرل باجوا جي ڪورٽ مارشل بابت سوال تي عارف علوي چيو ته مون کي ناهي خبر، اهو عمران خان کان پڇو، جڏهن ته عمران خان جلد ٻاهر ايندو.
سندس چوڻ هو ته اهي 1500 ڪيس هلائي چڪا آهن ۽ وڌيڪ ڪيس به ٺاهيندا، اهي ڪوشش ڪن مون کي به موقعو ملندو.
You might also like