اسلام آباد(گوهر بٽ) ابصار عالم جي رپورٽ موجب ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ رضا عابدي جي قتل ۾ جنرل فيض جو هٿ هو، عمران خان جي حامي اينڪر آفتاب اقبال به پارٽي بدلائي ڇڏي،هو به جنرل فيض خلاف ڳالهائڻ لڳو، آفتاب اقبال ماضي ۾ جنرل فيض حميد ذريعي هڪ رپيو ڀرڻ کان بغير ٻن ٽي وي چئنلن جو مالڪ بڻيو،هڪ ٽي وي چئنل جي مالڪ کي اغوا ڪري تشدد جو نشانو بڻايو ويو، انهن ۾ هڪ چئنل آپ نيوز ۽ ٻيو انڊس نيوز شامل آهي، ان ڪم لاءِ جنرل فيض تڏهوڪي پيمرا چيئرمين ابصار عالم تي به دٻاءُ وڌو هو ته اهي چئنل آفتاب اقبال جي نالي تي منتقل ڪيا وڃن،آپ نيوز چئنل هلائڻ لاءِ ٽاپ سٽي جي مالڪ ڪنور معيز ۽ ملڪ رياض جو پئسو استعمال ڪيو ويو، بعد ۾ چئنل جي مالڪي تان آفتاب اقبال ۽ ملڪ رياض وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، چئنل جي سي اي او آفتاب اقبال تي 85 ڪروڙن جي ڪرپشن به ثابت ٿي.