بلوچستان جون سياسي حالتون

تحرير: رياض ابڙو 

اصل ڳالهه اها آهي ته شين ۾ مرڪزيت ناهي يا سياسي مسئلن ۽ انهن جي حل جي سينٽر پوائنٽ ناهي، ان ڪري ته هڪڙا سياستدان ماڻهن کي ڏٽا ڏئي وٺي ٿا اسلام آباد ڀڄن ۽ ٻيا موسمي سياستدان وري ساڳا ئي ڪرائي تي آندل ماڻهو ميڙي وٺي ٿا صوبائي حڪومت جي خلاف واويلا ڪري شهرن جا رخ ڪن. جڏهن ته اهي سمجهن ٿا ته اهي موسمي سياستدان پنهنجي تڪ جي ماڻهن جا حالَ ناهن سڌاري سگهيا ته اهي ٻين جو ڇا سڌاريندا؟ ساڳي ڳالهه اها به آهي ته ماڻهو جڏهن اهو ٻڌن ٿا ته اهي وفاقي حڪومت وارا سياستدان ڪيترائي دفعا چئي چڪا آهن ته سنڌ صوبو انهن جو ناهي يا اهي اين ايف سي ايوارڊ نه ڏيندا، صحت ڪارڊ نه آڇيندا، لائيف انشورنس اسان جي صوبي کي نه ڏيندا، گرين ۽ اورينج بس پروجيڪٽ به اسان جي ماڻهن جو نصيب ناهن ۽ بلوچستان جي حصي ۾ ترقي ناهي، ته پوءِ به اهي ماڻهو وري اهي ئي رونشي ڪوڏيا بڻجي، رڳو دهل جو ڏونڪو ٻڌي اتي نچڻ شروع ڪندا آهن، معني انهن کي مفادن جي خبر نه ٿي پئي، اهي رڳو ڊرائنگ روم سياست ڪري ڄاڻن. ساڳي ويڌن بلوچستان جي ماڻهن جي به آهي ته جڏهن سياست جون يا اڳواڻيءَ جو واڳون ۽ لغام آهي ئي وڏيرن، چودرين، ميرن، سردارن، رئيسن، اميرن ۽ سيٺين جي هٿ ۾ ته پوءِ ملڪ کي جاڏي وٺي وڃن ته وٺي وڃي سگهن ٿا، وري اسان جا مقامي اڳواڻ افلاطون ۽ سياسي فلاسافر به. ڇو ته جڏهن آمريڪا جي صدرن جا بوٽ چٽي موٽي ايندا هيا، تڏهن آمريڪا صحيح هوندي هئي ۽ هاڻي جڏهن روس جي ايجنسين، چائينا جي پاليسين يا خطي جي ڊپلوميسي اک پٽي آهي ته اهي سمورا آمريڪي هنن جا هاڻي ناهن ۽ هاڻي جيئن روس چئي تيئن ڪندا (ڏاڍي ڀلي ڳالهه آهي جي ائين ئي ڪن ۽ ڪندا رهن) ڇو ته روس جي پاليسي، چين جي پاس خاطري يا آمريڪي چمچاگيريءَ ۾ واضع فرق آهي، پر شرط اهو به آهي ته ايندڙ ويندڙ حڪمران ۽ سياستان ان ڳالههين ۽ رمزن کي سمجهن ۽ سمجهائي به سگهن.

ان سڄي تناظر ۾ بلوچستان جي صورتحال به تيزيءَ سان بدلجندي رهي ٿي. مسلسل اهي مقامي ماڻهو ڳالهين کي سمجهن ٿا ۽ اهي ڏتڙيل ۽ محروم ماڻهو محاذ به کڙا ڪندا رهن ٿا. ڇو ته شروع کان وٺي ريڪو ڊيڪ، سينڊيڪ، سوئي گئس، يا هاڻوڪي گوادر جي مڇيرن جا مسئلا، جن ۾ هنن مقامي مڇيرن کي مڇي مارڻ يا ٻين غيرملڪي ٺيڪيدارن کي انهن جي حقن تي ڌاڙي هڻڻ کان روڪڻ جي لاءِ هنن مڇيرن گوادر کي ئي جام ڪري ڇڏيو هيو ۽ جيستائين انهن ملاحن کي اهي ٺيڪا نه آڇيا ويا، تيستائين انهن اهو احتجاج ختم نه ڪيو هيو. ساڳي ڳالهه انهن سون، ٽامي، لوھ، سنگ مرمر جي پٿرن جي کوٽائي سان به واڳيل آهي، پر انهن سڀني ڳالهين کان اتم اها ڳالهه به آهي ته اڄ ڪلھ ايران جي رستي جيڪي امپورٽ تيزي سان ٿئي پئي، ان ۾ کائڻ جي تيل کان وٺي، پيٽرول، ڊيزل، گاسليٽ، يا ٻيون کائڻ پيئڻ جون شيون يا ٻيون استعمال جو سامان جن جي امپورٽ يا سمگلنگ وڏي تيزي سان جاري آهي، جن جي لاءِ ائين ٿو لڳي ڄڻ سي پيڪ جا ننڍڙا ننڍا دوڪان يا رستا جوڙي ٺاهي هاڻي کان ئي ڪم هلائن پيا. پر ويڌن اها به آهي ته اهي سڀ شيون سڌوسنئون وڃن رڳو پنجاب ڏي ٿيون، انهن شين جي سمگلنگ ٿئي ئي رڳو پنجاب جي لاءِ ٿي. ائين جيئن افغان بارڊر تان به شين جو يا ماڻهن جو اچڻ وڃڻ ايترو آسان هوندو آهي، جيترو ايراني بارڊر تان شين جي سمگلنگ ٿي اچڻ. ان ڪري ته ٻئي رستا ٽڪي پيسي ڏيڻ سان آسان ٿي ٿا وڃن. گذريل سال آمريڪي فرمائش تي پاڪستان تي زور هيو ته افغان بارڊر تي خاردار تارون هڻو ۽ موٽ ۾ پاڪستاني حڪمرانن جي هاڪار انهن طالبان کي وري چيڙائي وڌو هيو، ۽ پاڪستاني حڪمران وري اهڙا خاموش ٿي ويا هيا جو طالبان جي فرمائش اڏو ڪڇي نه سگهيا ۽ انهن جي ڳالهه پوري ڪين.

اسلام آباد وارا هاڻي لڳي ٿو ته پنهنجي ساک وڃائي چڪا آهن، جنهن ۾ بيروني طاقتن جي لفٽ ان ڪري به جهڪي ٿيندي ٿي وڃي ڇو ته خراب بيروني پاليسين جي ڪري اندروني پاليسيون به تضبضب جو شڪار رهنديون اچن ٿيون، جنهن جي ڪري بين الاقوامي ڳالهه ۽ ساک به خراب ٿي ٿي وڃي. حيرت اها به آهي ته ڪي پي ۾ ٿيل ڌماڪن جو بار کڻڻ جي لاءِ هاڻي اهي مقامي طالبان به تيار ناهن. ساڳي ڪار وري بلوچستان جي به آهي ته داسو پاور پروجيڪٽ واري بس ڌماڪي کانپوءِ چين ڀلي اها ڳالهه ڳهِي (برداشت) ڪري ويو، پر حالتون ته پوءِ به ڪنٽرول ۾ ناهن، ان ڪري سي پيڪ جي هلڻ جو گھڻو بار يا وڏي زميواري آهي ئي بلوچستان ۽ سنڌ صوبي جي مٿان ۽ انهن صوبن جي سيڪيورٽي جي حالتن کي سڌارڻ رياست جو اولين فرض ۽ انتهائي نفيس معاملو به بڻجي ويو آهي. پر حڪومت جي غيرسنجيدگي ان ڳالهه کي منجهائي ٿي ته چين جي هزارين ڊالرن جي سيڙپ ڪنهن وڏي مونجهاري کي جنم نه ڏئي، ڇو ته رياست ديسي ساخت جي دهشت ۽ وحشت کي منهن ڏيڻ جي موڊ ۾ ناهي يا نه ٿي ڪري سگهي. اها به حقيقت آهي ته افغانستان ۾ حقاني گروپ جي چرپر به ڪي پي سان گڏ بلوچستان جي حالتن کي ڇيهو رسائي سگهي ٿي، ان جو بلوچستان جي حالتن جو تعلق کڻي اتان جي مقامي ماڻهن سان به هجي، پر ان سڄي سيڙپڪاري ۾ چين جو ساھ مُٺ ۾ هجي ٿو، ان ڪري جو بگڙجندڙ صورتحال گوادر جي پروجيڪٽ کي منجهائي ٿي وجھي، ان ته بلوچستان جي مقامي ماڻهن کي اهو ديرينا حق ملي نه ٿو يا نه ٿو ڏنو وڃي، جنهن جي لاءِ اهي وقتن بوقتن اهي اک پٽيندا ٿا رهن، جنهن ۾ ملاحن وارو مسئلو، يا هاڻي ريڪوڊيڪ يا سينڊيڪ. پر ڳالهه اها به آهي ته جيستائين بلوچن جو حالتون نه ٿيون سڌرن، تيستائين حڪومت به اهڙن پروجيڪٽس جي ساک نه ٿي ڏئي سگهي، ان ڪري هاڻي اهڙي لُٽَ ڦُرَ مقامي ماڻهن کي چيڙائي ٿي وجهي، جنهن جو بار رڳو حڪومت جي مٿي تي آهي يا اهي ئي ڪري سگهن ٿا يا نه ٿا ڪري سگهن يا انهن جي نيت ۾ ڦندڦير آهي.

پر اها ڳالهه به مڃڻ گهرجي ته لٽريسي ريٽ جو گھٽ هجڻ پنهنجي جاءِ تي، پر اتي سوشل ميڊيا جي جاڳرتا يا مهم جوئي، شين جي جيئن جو تيئن پڄڻ، ماڻهن تائين حق سچ پڄائڻ، ترت قدم کڻڻ، ڳالهيون جلدي هڪ جاءِ تان ٻي جاءِ تائين پڄائڻ هاڻي ايترو وڏو مسئلو يا مونجهارو ناهي، هاڻي ماڻهن کي پل پل جي خبر ڏيڻ به وڏي آسان ٿي پئي آهي. ان ڪري سوشل ميڊيا جي لاءِ وڏي پڙهائي يا ڊگري جي ضرورت ناهي، ان ڪري ماڻهن کي انهن جي حقن جي جاڳرتا ڏيڻ وڏو آسان ڪم ٿي پيو آهي (فاير وال هڪ ٻيو بحث آهي)، جنهن ۾ وائيس نوٽ ڏيڻ، ميسيجز ڏيڻ به ماڻهن ۾ جاڳرتا پيدا ٿو ڪري. بلوچستان جي ماڻهن ۾ جاڳرتا جو هجڻ هاڻي انهن جي لٽريسي ريٽ سان ڳنڍيل ناهي، ان ڪري هاڻوڪي مسئلن تي اٿي پوڻ به انهن ڳالهين جو ثبوت آهي ته  بلوچستان جاڳي ٿو، يا جيڪي بلوچ شاگرد، اڳواڻ، سياستدان يا سوشل ايڪٽوسٽ ٻين صوبن يا ٻاهرين ملڪن ۾ رهن ٿا، اهي وري اهڙيون ياداشتون به بين الاقوامي ادارن ۾ جمع به ڪرائيندا رهن ٿا، جيڪي پڻ اهڙي جاڳرتا جو سبب بڻجن ٿا، جنهن جي ڪري شيون اڳ جي نسبت بهتر آهن. ان ڪري هاڻي آسان ناهي جو انهن بلوچن جي زمين جي هيٺان گئس ڪڍي وڃن ۽ اهي چپ ڪري ويهي رهن. ان ڪري اتان جو مقامي ماڻهن ۾ ان ڳالهه جي ڪاوڙ هاڻي وڌندي ٿي وڃي ۽ حڪومت هاڻي ٻه قدم اڳتي وڌي انهن شين کي منهن ڏئي. اهي بلوچ هاڻي به چون ٿا ۽ انهن گوگن ۽ خاموش بلوچن جا لکيل ”بينر“ به هاڻي ڳالهائن ٿا ته گوادر کي حق ڏيو. مقامي ماڻهو هاڻي هر ڳالهه سمجهي ٿو، سڀ ڪو هاڻي سياست ڊرائنگ روم ۾ ويهي نه ٿو ڪري پر بلوچ روڊن تي نڪتل آهي. نوشڪي، پنجگور ۽ ڪيچ وارن ضلعن ۾ سيڪيورٽي جا مسئلا ۽ حملا به ان ڳالهه جو ثبوت هيا ته ماڻهو حڪومت جي ڳالهين ۽ مقامي ماڻهن جي حالتن سڌارڻ لاءِ جيڪي قدم کڻن ٿا اهي ماڻهن کي سمجھ ۾ اچن ٿا. بلوچستان جي ماڻهن جو هاڻي اسلام آباد جي واعدن ۽ اقرارن تي اعتبار ناهي رهيو، ڇو ته هاڻي ته حڪومت سان گڏ انهن مقامي ماڻهن مخالف ڌر جي ڪوڙن ۽ ميڊيا جي ٺڳين کي به سمجهي ورتو آهي. بلوچ اڳواڻ ۽ مرڪزي سياست بلوچستان جي ماڻهن سان سچي ناهي ۽ نه ئي اهي ڪڏهن سچ ڳالهائي سگهن ٿا. ان ڪري سيڪيورٽي جي مسئلن سبب بلوچن ماڻهن جو اعتبار ڏينهون ڏينهن کڄندو ٿو وڃي. جن جو اهو خيال آهي ته سي پيڪ جي ڪري مقامي ماڻهن سان مسئلا وڌي ويا آهن ۽ اهي خطري ۾ پئجي ويا آهن. جنهن جي ڪري عسڪري ادارن جي اڳواڻ ايف سي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪندا رهن ٿا ته جيئن انهن مقامي ماڻهن، حڪومتي ڌرين، عسڪري ادارن جي وچ ۾ پيدا ٿيل وٿي ڀري سگهجي ۽ مقامي ماڻهن جو اعتبار بحال ڪري سگهجي، نه ته ٻي صورت ۾ سڀ کان وڏو ڌڪ گوادر جي پروجيڪٽ کي ئي رسندو (ڀلي ايئرپورٽ جو افتتاح به ٿئي) جنهن تي چين جا اربين ڊالر لڳل آهن ۽ ان کان علاوه ان ۾ روس ۽ خود پاڪستان جي جياپي جو به سوال اٽڪيل آهي، جنهن جي لاءِ مقامي ماڻهن جي بنيادي سهولتن جو خيال رکڻ حڪومت جي منصوبن جو هلڻ جو سرٽيفڪيٽ پڻ هوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.