فائر وال سبب متاثر ٿيندڙ انٽرنيٽ سروس

تحرير: وفا گولو

ڪجهه عرصي کان پنهنجي ملڪ اندر انٽرنيٽ سروس جي سست رفتاري تي ڪافي ڳالهيون ٿي رهيون آهن پر سڀني کان اهم ڳالهھ اها ٿي آهي ته انٽرنيٽ فائر وال سبب سست رفتاري جو شڪار آهي ان جي باري ۾ اوهان ڪيترو ڄاڻو ٿا پر جيتري مون کي ڄاڻ آهي اها اوهان تائين پهچائبي.

پاڪستان ۾ ويجھڙ ۾ مختلف سوشل ميڊيا سائيٽس ۽ ڪجهه مخصوص اڪائونٽن تائين پهچ ڏکي ٿي وئي آهي. ان بابت اطلاع مليو آهي ته ملڪ ۾ سوشل ميڊيا سائيٽس کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ چين مان گھرايل ‘فائر وال’ کي تجربي طور تي هلايو پيو وڃي، جنهن جي ڪري انٽرنيٽ ۽ خاص طور تي سوشل ميڊيا تائين پهچ جي رفتار گهٽ ٿي وئي آهي.

ان بابت ماهرن جو اهو چوڻ آهي ته انٽرنيٽ ۽ سوشل ميڊيا کي ڪنٽرول ڪرڻ سان ملڪ ۾ ’آن لائن بزنس’ ۽ بئنڪنگ سميت ٻين ڪيترن ئي شعبن کي متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي.

فائر وال لڳائڻ جي حوالي سان ويجھڙائي ۾ حڪومت تجربي طور تي فائر وال جي آزمائش ڪئي آهي، جنهن جي ڪري ملڪ ۾ سوشل ميڊيا جي رفتار گهٽ ٿي وئي آهي ۽ انٽرنيٽ اختيارين جو چوڻ آهي ته ٽرائل ختم ٿيڻ کان پوءِ انٽرنيٽ ٽريفڪ ۽ رفتار معمول تي اچي ويندي.

پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) 11 جولاءِ تي هڪ اشتهار جاري ڪيو هو جنهن ۾ ’نيڪسٽ جنريشن فائر والز’ جي فراهمي، تنصيب ۽ ترتيب لاءِ ٽينڊر گھرايا ويا هئا. ان ٽينڊر جي حوالي سان حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته هي رڳو ڪاغذي ڪارروائي هئي ۽ اصل فائر وال تنصيب جي مرحلي ۾ آهي.

پاڪستان ۾ فائر وال لڳائڻ بابت جون جي مهيني ۾ اطلاع سامهون آيو هو ته 30 ارب رپين جي ماليت سان هڪ نظام چين مان درآمد ڪيو پيو وڃي، جنهن جي مدد سان ملڪ ۾ انٽرنيٽ تي نامناسب مواد کي ڪنٽرول ڪري سگهبو.

انٽرنيٽ تي اظهار جي آزادي لاءِ ڪم ڪندڙ مختلف غير سرڪاري تنظيمن ۽ بنيادي حقن بابت ڪم ڪندڙ فردن جو چوڻ آهي ته هن قدمن سان راءِ جي اظهار تي پابندين ۾ واڌارو ٿيندو. ان سان گڏوگڏ بين الاقوامي سطح تي اي ڪامرس ۽ ٻين شعبن کي به متاثر ڪندو.

اچو ته اهو ڏسون آخر اها فائر وال ڪيئن ڪم ڪندي آهي؟

فائر وال سسٽم بنيادي طور تي اهڙو نظام آهي جيڪو انٽرنيٽ گيٽ ويز تي لڳايو ويندو آهي جتي انٽرنيٽ اپ لنڪ ۽ ڊائون لنڪ ٿيندي آهي. هن جو مقصد انٽرنيٽ ٽريفڪ کي فلٽر ڪرڻ هوندو آهي.فائر وال جي مدد سان اڻ وڻندڙ ويب سائيٽس، سوشل ميڊيا پليٽ فارمز ۽ مخصوص مواد کي ڪنٽرول ڪري سگهبو آهي.اهڙي ڪنهن به مواد کي فائر وال جي مدد سان بلاڪ ڪري سگهبو آهي.پنهنجي ملڪ اندر ڪجهه ماهر اهو چئي رهيا آهن ته گذريل سال عمران خان جي گرفتاري بعد سوشل ميڊيا تي جيڪي پوسٽون هليون هيون ان سبب حڪومت ۽ ڪجهه ادارا پريشان ٿيا هئا جنهن ڪري ئي اصل هي فائر وال جي ضرورت محسوس ٿي آهي ته جيئن اهڙو مواد ڪنٽرول ڪري سگهجي اوهان کي اها ڄاڻ ته هوندي ان وقت انٽرنيٽ سروس کي بند ڪيو ويو هو ته متان ملڪ اندر ڪو وڏو ڀونچال نه اچي وڃي.

فائر وال جو نظام هي آهي ته هن نظام جي مدد سان ڪنهن مواد جي اصل يعني جتان کان ان جي شروعات ٿي آهي، ان بابت به فوري طور خبر پئجي سگهي ٿي. آءِ پي ايڊريس سامهون اچڻ کان پوءِ مواد ٺاهڻ واري خلاف ڪارروائي به ٿي سگهي ٿي.ڊجيٽل رائٽس تي ڪم ڪندڙ تنظيم ‘بولو ڀي’ جي ڊائريڪٽر ان بابت اهو چيو آهي ته فائر وال سسٽم جو بنيادي مقصد انٽرنيٽ ٽريفڪ کي فلٽر ڪرڻ هوندو آهي.

ملڪ اندر جڏهن کان فائر وال لڳايو ويو آهي ان ڏينهن کان "فور جي سروسز ته پري جي ڳالھه آهي، گھڻو ڪري’ٿري جي’ به ڪم نٿو ڪري، جنهن جي ڪري گوگل ميپس ذريعي منزل تي پهچڻ ڏکيو ٿي ويندو آهي. ان کان پوءِ انٽرنيٽ تي اڪثر گراهڪ دير جي ڪري کاڌو وٺڻ ۽ پيسا ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيندا آهن.”

اي ڪامرس سان واسطو رکندڙ ماڻهن جون ڏکائيون وڌي وينديون آهن

انٽرنيٽ اسپيڊ ۽ مختلف سوشل ميڊيا سائيٽس جي ڪم نه ڪرڻ سبب اي ڪامرس ۽ ٻين شعبن ۾ به شديد ڏکائيون پيش اينديون آهن.

هن صورتحال ۾ فري لانسرز لاءِ ڪم ڪندڙ ڪمپني ‘فائيوَر’ پاڪستان ۾ انٽرنيٽ اسپيڊ نه هئڻ سبب فري لانسرز جي غير موجودگي جو به ذڪر ڪيو آهي.ان بابت حڪومت طرفان ڪا به آگاهي نه ڏني پئي وڃي ته ڪهڙن سببن جي ڪري انٽرنيٽ جي رفتار گهٽ ٿي آهي. ان سلسلي ۾ پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) جي ترجمان به ڪو جواب نه ڏنو آهي ته آخرڪار انٽرنيٽ جي اسپيڊ ڇو گهٽجي وئي آهي.

پر فائر وال بابت غير سرڪاري ذريعن جو اهو چوڻ آهي ته ‘فائر وال’ لڳائڻ جو ڪم جاري آهي ۽ انٽرنيٽ جي رفتار ۾ سستي ان جي ڪري اچي رهي آهي.انٽرنيٽ سروس ڏيندڙ ادارن جو چوڻ آهي ته هن وقت ملڪ ۾ انٽرنيشنل ٽريفڪ 30 کان 40 سيڪڙو گهٽ هلندڙ آهي، جنهن جي ڪري انٽرنيٽ تي ٿيندڙ سڀ ڪاروبار شديد ڏکاين جو شڪار آهن.ڪيترا ئي ڪال سينٽرز، آن لائن ڪورسز، فري لانسرز ۽ اهي ماڻهو جن جو ڪاروبار انٽرنيٽ کانسواءِ ممڪن نه آهي، اهي سڀ ان صورتحال کان متاثر ٿي رهيا آهن.

پاڪستان ۾ سامهون ايندڙ ڄاڻ موجب 30 ارب رپين جي لاڳت سان فائر وال لڳائي پئي وڃي، جنهن کان پوءِ انٽرنيٽ سروسز ۾ ڏکائيون پيش اچي رهيون آهن. ان باري ۾ موبائل فون ڪمپنيون چون ٿيون ته انهن طرفان ڪو به مسئلو ڪونهي. پاڪستان ۾ سوشل ميڊيا جي حوالي سان هڪ عرصي کان حڪومت ۽ ٻين ادارن کي شڪايتون رهيون آهن ته انهن تي حڪومت مخالف پروپيگنڊا ۽ الزام لڳايا ويندا آهن. ڪن ڪيسن ۾ جيڪڏهن اهڙن ماڻهن کي گرفتار به ڪيو ويو ته قانوني پيچيدگين جي ڪري الزام لڳندڙ شخص کي عدالتن کان فورن ضمانتون ملي ويون، جنهن جي ڪري مبينا طور تي حڪومت فائر وال نظام نصب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

انٽرنيٽ سروس ڏيندڙ مختلف نجي ادارن جي سربراهن انٽرنيٽ جي رفتار گهٽ ٿيڻ سبب هن وقت ڪاروبار متاثر ٿي رهيا آهن ۽ ڪيتريون ئي ڪمپنيون پنهنجا آپريشنز ٻاهرين ملڪن ڏانھن منتقل رهيون آهن ويجهڙ ۾ انٽرنيٽ ٽريفڪ ۾ 30 کان 40 سيڪڙو گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي آهي، جنهن جي ڪري اي ڪامرس سان واسطو رکندڙ ادارا ڏکاين جو شڪار آهن. اڳ ڪجهه ماڻهو وي پي اين استعمال ڪري پنهنجو ڪم ڪري رهيا هئا. پر هاڻي گهڻن وي پي اينز به ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي. ان ڪري اي ڪامرس سان واسطو رکندڙ ماڻهو جيڪي ملڪ ۾ لکين ڊالر آڻي رهيا هئا، اهي شديد ڏکاين جو شڪار آهن.

آءِ ٽي انڊسٽري ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهو تيز رفتار ۽ محفوظ انٽرنيٽ کان سواءِ اهي عالمي سطح تي مقابلو نه ٿا ڪري سگهن. فائر وال سبب ‘پاڪستان جي اربين ڊالرز جي برآمد خطري ۾ آهي’.

انٽرنيٽ رفتار نه هئڻ ڪري اهي سڀ ماڻهو جيڪي انٽرنيٽ ذريعي فري لانسر يا ٻيا ڪاروبار ڪندا آهن، اهي متاثر ٿي رهيا آهن. فائيوَر پاڪستان ۾ ڪم ڏيڻ بند ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان کان پوءِ ٻيا ادارا به ايئن ڪندا.حڪومت جو ان بابت اهو چوڻ آهي ته ’فائر وال’ جي ٽيسٽنگ جلد کان جلد مڪمل ٿيندي ۽ ان کان پوءِ انٽرنيٽ ٽريفڪ معمول مطابق ٿي سگهندي. پر في الحال صارفين جي حقن کي سخت متاثر ڪيو پيو وڃي، جنهن تي حڪومت کي غور ڪرڻ جي ضرورت آهي.فائر وال سبب ملڪ کي ڪيترو نقصان ٿي رهيو آهي ان بابت اڃا ڪنهن اداري ڪاٿو ناهي لڳايو پر ڪجهه ماهرن ان نقصان کي اربين روپين تائين چئي رهيا آهن پر ملڪ اندر ان فائر وال لڳائڻ جي ضرورت ڇو پئي آهي جو هيترو نقصان ٿي رهيو آهي فائر وال بابت اڃا ڪا ڄاڻ سامهون ناهي آئي ته اهو ڪيتري عرصي ۾ مڪمل ٿيندو ۽ پنهنجو ڪم ڪرڻ شروع ڪندو پر فلحال ته ماڻهو انٽرنيٽ جي سست رفتاري سبب گهڻا متاثر ٿيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.