شڪيل خان پاران علي امين گنڊاپور تي 20 ڪروڙ رپيا وٺڻ جو الزام

پشاور ( م ڊ ) خيبرپختونخواهه ڪابينا مان استعيفيٰ ڏيندڙ وزير شڪيل خان جو مبينا لکت ۾ جواب سامهون اچي ويو آهي.لکت واري  جواب ۾ وڏي وزير علي امين تي 20 ڪروڙ رپيا وٺڻ جو الزام لڳايو ويو آهي، خيبرپختونخواهه ڪابينا جي استعيفيٰ ڏيندڙ وزير شڪيل خان جو مبينا لکت وارو جواب سامهون اچي ويو آهي. لکت واري جواب ۾ هن وڏي وزير علي امين تي 20 ڪروڙ رپيا وٺڻ جو الزام لڳايو ويو آهي. لکت ۾ جواب خيبرپختونخواهه گڊ گورننس ڪميٽي کي ڏنو ويو. لکت واري جواب ۾ شڪيل خان پاران سنگين الزام هنيا ويا آهن ، سيڪريٽري اسد 6 ارب رپيا بغير نوٽيس جاري ڪيا، مون کي فنڊن ۾ ڪميشن جون شڪايتون مليون. خط ۾ چيو ويو ته سيڪريٽري پنهنجي پسند جي ماڻهن کي فنڊ جاري ڪيا، سيڪريٽري موجب 20 ڪروڙ رپيا وڏي وزير تائين پهچايا ويا. لکت واري جواب ۾ وڏي وزير لاءِ ”مشر“ لفظ استعمال ڪيو ويو. جواب ۾ چيو ويو ته ساڍا ٽي ڪروڙ رپيا ايڊيشنل چيف سيڪريٽري کي ڏنا ويا، اڍائي ڪروڙ رپيا ناڻي واري سيڪريٽري کي ڏنا ويا، امير مقام جي ڪمپني کي ٺيڪو ضابطن جي خلاف ڏنو ويو.  لکت واري جواب ۾ چيو ويو ته ڪانٽريڪٽ ۾ 2 کان 3 ارب رپيا هڙپ ڪيا ويا، سيڪريٽري مون کي ڪار ۽ 5 ڪروڙ تحفي ۾ به ڏنا، مون سمورا تحفا وٺڻ کان انڪار ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.