ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ پاڪستان ڪسٽم انفورسمينٽ ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي بلوچستان کان ڪراچي پابندي مڙهيل بوسٽن انجيڪشن جي اسمگلنگ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي. ڊپٽي ڪليڪٽر ڪسٽم انفورسمينٽ رضا نقوي موجب شڪي بس جي چيڪنگ کان پوءِ بس جي ڳجهن حصن ۾ بوسٽن انجيڪشن جا ڪارٽون مليا، جن جي ڪل ماليت اڍائي ڪروڙ رپيا آهي. هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري مٿس ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.بوسٽن انجيڪشن ڍورن مان اضافي کير حاصل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪئي ويندي آهي.