ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ قائد آباد ۾ مبنيا پوليس مقابلي ۾ نوجوان جي فوت ٿيڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي جي دوران عدالت ايس ايڇ او ۽ پوليس اهلڪارن جي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي فيصلي جي خلاف درخواست رد ڪري ڇڏي آهي درخواستگذار جي وڪيل چيو ته پوليس نوجوان کي گرفتار ڪيو ۽ جعلي مقابلي ماري ڇڏيو آهي . درخواست انصاف جي راهه ۾ رڪاوٽ آهي .ويڊيو ڪلپس پوليس کي ڏوهاري ثابت ڪيو آهي .سيشن جج ملير پوليس جي اهلڪارن جي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي .عدالت ايس ايس پي ملير کي درخواست گذار جو بيان رڪارڊ ڪري ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو .پوليس جي موجب 8جولاءِ 2024ع ۾ نوجوان کي جعلي مقابلي قتل ڪيو .قائد آباد ٿاڻي جي ايس ايچ او ۽ اهلڪارن ۾ جهانگير مروت،اقبال حسين ،۽ بابرعلي رند شامل آهن هنن جي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو .