شهيد نصرالله گڏاڻي ڪيس ۾ نئون موڙ، جاچ آفيسر خالد لنڊ جو نالو ڪيس مان خارج ڪري ڇڏيو

گھوٽڪي ( رپورٽ: آزاد مھر / محمد يوسف منگي ) شھيد صحافي نصر الله گڏاڻي جي ڪيس جي شنوائي  ڊسٽرڪٽ  اينڊ سيشن جج جي عدالت ۾ انچارج اي ٽي سي ڪورٽ گھوٽڪي ۾ ٿي شھيد نصر الله گڏاڻي  جي جاچ آفيسر جاچ اي ٽي سي جا قلم ۽  خالد لنڊ وڏي عمر جو ڄاڻائي نالو رپورٽ مان خارج ڪري ڇڏيو،  عدالت جوابدارن جي عبوري ضمانت ۽ خالد لنڊ جو نالو ڪيس مان خارج ڪرڻ يا ن ڪرڻ بابت 23 آگسٽ جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي، تفصيل موجب شھيد صحافي نصر الله گڏاڻي جي قتل  جي ڪيس جي شنوائي ڊسٽرڪٽ  اينڊ سيشن جج گھوٽڪي جي عدالت ۾  انچارج  اي ٽي سي ڪورٽ گھوٽڪي جي عدالت ۾ ٿي جنھن ۾ فريادي ڌر طرفان شھيد جي امڙ امان پٺاڻي گڏاڻي پنھنجي وڪيل صلاح الدين پنھور سان   جڏھن جوابدار ڌر طرفان خالد لنڊ سندس پٽ شھباز لنڊ نور محمد لنڊ پنھنجي وڪيل قرباڻ ملاڻو سميت  پيش ٿيا عدالت جي ڪارروائي دوران جاچ آفيسر سراج لاشاري  ڪورٽ ۾ جاچ جي رپورٽ داخل ڪرائي جنھن ۾ ھن ڄاڻايو ته خالد لنڊ ھن قتل ڪيس ۾ ملوث ناھي ھن جي ملوث ھجڻ جي ڪابه شاھدي ناھي ملي پيرسن آھي جڏھن ته  ٻين جوابدارن کي   تفتيش ۾ شامل ڪيو ويو آھي  جنھن تي فريادي ڌر جي وڪيل صلاح الدين پنھور  طرفان اعتراض ڪيا ويا  جوابدار ڌر جي وڪيل قرباڻ ملاڻو  چيو ته  خالد لنڊ به گناھه آھي جاچ آفيسر به جاچ ۾ عدالت کي رپورٽ پيش ڪئي آھي جڏھن ته  عدالت جوابدارن جي عبوري ضمانت ۽ خالد لنڊ جو نالو ڪيس مان خارج ڪرڻ يا نه ڪرڻ بابت فيصلي لاءِ  23 آگسٽ 2024  مقرر ڪئي وئي.

  • خالد لنڊ ميڊيا کان ڀڄڻ لڳو، سوالن جا جواب ڏيڻ کان بنا روانو

  • گهوٽڪي :  قتل ۾ ڪيس ۾ نامزد ٿيل جوابدار خالد لنڊ چيو ته اسان ڪنھن مٿان ڪو ڪوڙو ڪيس داخل ناھي خالد لنڊ صحافين جي پڇيل سوالن جا جواب ڏيڻ کان بنا ھليو ويو.
  • پوليس مان نه پر عدالتن مان انصاف جي اميد آهي: امان پٺاڻي

گهوٽڪي :  شھيد نصرالله گڏاڻي  جي امڙ عوامي آواز سان ڳالھائيندي چيو ته پوليس مان اسان کي ڪابه اميد ناھي عدالتون اسان سان انصاف ڪن اسان حق لاءِ ھن ڪورٽ  آيا آھيون منھنجو پٽ  سرگرم صحافي ھو ڪنھن سان به جھيڙو نه ھو، ڪورٽ اسان جي انصاف فراهم ڪندي. شھيد جي ڀاءٌ  يعقوب گڏاڻي چيو ته ڪٽھڙي  ۾ خالد لنڊ، شھباز لنڊ، نور محمد لنڊ کي ڏسي سڪون مليو، مان اڄ خوش آھيان.  پوليس پ پ ايم اين اي جي مدد ڪري ٿي خالڊ لنڊ پنھنجو نالو ڪڍرائي  ويو آهي،  اي ٽي سي جا قلم جاچ آفيسر ھنن جي حق ۾ چئي ويو آھي. هن چيو ته ايس ايس پي گھوٽڪي وانگارو بڻيل آھي .

  • وڏي عمر جو جواز ڄاڻائي خالد لنڊ جو نالو خارج ڪرڻ سمجهه کان ٻاهر آهي:وڪيل

گهوٽڪي :  شھيد نصر الله گڏاڻي جو ڪيس وڙھندر وڪيل صلاح الدين پنھور چيو ته اڄ چالان پيش ٿيڻ  لاءِ ڪيس رکيل ھيو ھڪ سچو صحافي نصر الله گڏاڻي قتل  ڪيس جو چالان جاچ آفيسر چالان جمع ڪرايو جنھن جي ٻڌڻي اڄ رکيل ھئي جنھن ۾ ھن دھشت گردي جو سيڪشن ختم ڪيو آهي ۽ گڏوگڏ خالد لنڊ کي ڊس چارج ڪيو آهي اھا رپورٽ ھن ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي آھي اسان ڪاپي ڪورٽ کان ورتي پڙھي وري ڪورٽ کي واپس ڪئي جنھن ھن ڄاڻايو ويو آهي  ته خالد لنڊ وڏي عمر جو ماڻھو آهي ۽ ڄاڻايو آھي ته ھنن جو پاڻ ۾ ڪو جھيڙو ھو جنھن جي ڪري ھي سڀ معاملا ٿيا آھن گڏوگڏ اھو به چيو آھي چارج شيٽ ۾ ته ھن جا پٽ شھباز لنڊ ۽ نور محمد لنڊ ھن ۾ ملوث آھن ھن ۾ جاچ آفيسر پاڻ چوي ٿو ته نصر  الله گڏاڻي جي قتل ۾ خالد لنڊ جا ٻئي پٽ ملوث آھن خالد لنڊ لاءِ وڏي عمر جو چئي ڊس چارج ڪيو ويو آھي اسان بار بار ٻڌائيندا اچون پيا ته ھي ملڪ جو واحد ڪيس آھي جيڪو صرف صحافت جي ڪري ٿيو آهي جنھن ھنن جي ڪرپشن کي ظاھر ڪيو ھنن جا جيڪي گورنمينٽ جا پروٽوڪول ھيا ھنن کي ظاھر ڪيو جنھن جي ڪري ھن کي قتل ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.