اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ باني عمران خان کي اڊيالا جيل ۾ سهولتڪاري ڏيڻ واري معاملي تي پنجاب جي جيل کاتي ۾ وڏي پيماني تي جاچ شروع ڪئي وئي آهي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن لاهور جي علائقي شادمان جي سرڪاري گهر مان اڳوڻي آءِ جي جيل شاهد سليم بيگ کي به حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي، ذريعن موجب شاهد بيگ کي فيض حميد سان رابطن جي معاملي تي گرفتار ڪيو ويو آهي.واضح رهي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا اڊيالا جيل جي ٻن اڳوڻن آفيسرن کي پڇا ڳاڇا لاءِ اڳ ئي حراست ۾ وٺي چڪا آهن، ٻنهي آفيسرن تي ڊيوٽي دوران پي ٽي آءِ جي باني عمران خان جي سهولتڪاري جو الزام آهي. انهن ۾ اڳوڻو ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ اڊيالا جيل محمد اڪرم ۽ اڳوڻو اسسٽنٽ سپرنٽينڊنٽ جيل بلال شامل آهن.ذريعن جو چوڻ آهي ته اڳوڻي آءِ جي جيل شاهد سليم بيگ کي به حساس ادارن حراست ۾ ورتو آهي.ذريعن موجب اڊيالا جيل جي اڳوڻي ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ ظفر کان به جاچ جاري آهي، جڏهن ته ڊي آءِ جي جيل راولپنڊي آفيس جو هڪ سپرنٽينڊنٽ به حراست ۾ آهي.ذريعن موجب آفيس سپرنٽينڊنٽ ناظم شاهه کان به پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي، ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ محمد اڪرم جي اسسٽنٽ کي به حراست ۾ ورتو ويو آهي، اڊيالا جيل جو هڪ وارڊن، هيڊ وارڊن به حراست ۾ آهي.