فيض حميد خلاف ڪورٽ مارشل واري ڪارروائيءَ حڪومت کي مضبوط بيانيو ڏئي ڇڏيو

لاهور (نجم سيٺي) حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ لاءِ سڀ کان وڏو مسئلو اهو رهيو هو ته ان کان بيانيو نه پيو ٺهي پر هاڻي اسٽيبلشمينٽ زبردست قسم جو بيانيو ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي جنهن کانپوءِ پي ٽي آءِ ۽ عمران خان هڪ ڀيرو وري 9 مئي واري عتاب جي ٻئي رائونڊ ۾ داخل ٿي چڪا آهن. ٽاپ سٽي واري ڪيس ۾ ثبوت مليا ته اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪومت کي مضبوط بيانيو ٺاهڻ جو موقعو ملي ويو. فيض حميد خلاف ڪورٽ مارشل واري ڪارروائيءَ پڻ حڪومت کي مضبوط بيانيو ڏئي ڇڏيو آهي جنهن سبب پي ٽي آءِ وري شديد دٻاءَ ۾ اچي وئي آهي ۽ ان جماعت جي ڀڃ ڊاهه ٿيڻ وارو عمل پڻ شروع ٿي ويو آهي. ان کان اڳ ۾ اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪومت لاءِ اهو وڏو مسئلو هو ته اهي چونڊن ۾ پي ٽي آءِ جي آزاد اميدوارن جي وڏي اڪثريت سان کٽڻ کانپوءِ مقبوليت جي آسمان تي پهچندڙ پي ٽي آءِ سان ڪيئن مقابلو ڪري. نيٺ اسٽيبلشمينٽ کي فيض حميد کي 9 مئي واري واقعي جو ماسٽر مائينڊ بڻائڻ وارو مضبوط بيانيو ملي ويو آهي جنهن وري پي ٽي آءِ کي ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي فيض حميد جي اوٽ ۾ اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪومت کي پي ٽي آءِ کي سوڙهو ڪرڻ جو وڏو موقعو ملي ويو آهي. هاڻي نه ٿو لڳي ته پي ٽي آءِ ۽ عمران خان هن ٻئي وار مان پاڻ بچائي سگهندا. جيئن جيئن معاملو اڳتي وڌندو، تيئن تيئن پي ٽي آءِ ۽ عمران خان لاءِ ڏکيائيون وڌنديون وينديون.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، ڇنڇر 17 آگسٽ 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.