ڪوئيٽا ۾ ڪانگو وائرس جو ڪيس ظاهر،سنڌ ۾محتاط رهڻ جي هدايت

ڪوئيٽا/ڪراچي ( نمائندن وٽان )  ڪوئيٽا ۾ ڪانگو وائرس جو هڪ ٻيو ڪيس سامهون اچي ويو آهي. ڪوئيٽا جي فاطمه جناح  اسپتال ۾ داخل هڪ مريض ۾ ڪانگو وائرس جي تصديق ٿي وئي آهي، جنهن کانپوءِ هلندڙ سال بلوچستان ۾ ڪانگو وائرس جي مريضن جو انگ وڌي 20 ٿي ويو آهي.اسپتال انتظاميا موجب فاطمه جناح اسپتال ۾ داخل 42 ورهين جي مريض جو تعلق ڪوئيٽا جي مرڪزي علائقي زرغون روڊ سان آهي.اسپتال انتظاميا جو چوڻ آهي ته مريض جي ليب ٽيسٽ ۾ ڪانگو وائرس جي تصديق ٿي آهي، متاثر مريض جو گهربل علاج جاري آهي.واضح رهي ته گذريل ڏينهن فاطمه جناح اسپتال ۾ داخل عورت مريض ۾ ڪانگو وائرس جي تصديق ٿي هئي. اسپتال ۾ علاج هيٺ مريضن جو انگ وڌي 2 ٿي ويو آهي. هن سال ڪانگو سبب فوت ٿيندڙ مريضن جو انگ 4 ٿي ويو آهي.  هوڏانهن سنڌ جي صحت کاتي پاران اسپتالن جي عملي کي محتاط رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي،  سنڌ جي صحت کاتي ڪراچي سميت سڄي صوبي جي اسپتالن جي عملي کي هدايت ڪئي آهي ته هو ڪانگو جي وڌندڙ ڪيسن کي نظر ۾ رکندي احتياط ڪن. سنڌ جي صحت کاتي پاران جاري ڪيل ايڊوائزري ۾ چيو ويو آهي ته ڪانگو بخار ۾ مبتلا مريضن کي آئسوليشن وارڊن ۾ رکيو وڃي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.