ملڪ ۾ گهڻي وقت کان مايوسي ۽ غير يقيني واري صورتحال رهندي پئي آئي، ماڻهن کي جيئڻ جون راهون بند ٿيندي نظر اچڻ لڳيون، ڇو ته ملڪ جو عوام هر سياسي پارٽي جي اڳواڻن کي آزمائي چڪو آهي، جيڪي سندن اميدن تي پورا ته نه لٿا پر ويتر کين تمام گهڻو مايوس ڪيو. ڏينهون ڏينهن وڌندڙ مهانگائي، ڳاٽي ٽوڙ ٽيڪس ۽ بجلي جي بلن جو بار هڻي عوام جي چيلهه ئي چٻي ڪري ڇڏي . ملڪ جو عوام اهو چڱي ريت سمجهي ٿو ته انهن مڙني مسئلن جو بنيادي ڪارڻ رڳو سياسي بديانتي ۽ ڪرپشن نه پر ”اسٽيبليشمينٽ جي عياشي“ به آهي. جيڪا گهٽجڻ جي بدران ڏينهون ڏينهن وڌنڌي نظر اچڻ لڳي.
اها اسان جي ملڪ ۽ قوم جي بدقسمتيءَ رهندي پئي اچي ته هتي محب وطن ماڻهن کي غدار قرار ڏئي کين طرحين طرحين جو اذيتون ۽ سزائون ڏنيون ويون ۽ جن ماڻهن ملڪ کي تباهه ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي انهن کي تحفظ ۽ کين هر طرح جون سهولتون ميسر آهن، جن مان هو يا سندن ڪٽنب جا فرد اڃان تائين فائدا حاصل ڪري رهيا آهن.
موجوده بحران جنهن ۾ ملڪ مڪمل طور تي ڦاٿل نظر اچي رهيو آهي، ان جو بنياد به تڏهن ئي پيو هو، جڏهن ملڪ جو پهريون وزيراعظم سنڌ جي ماڻهن لاءِ نازيبا زبان استعمال ڪئي هئي. کين پنهنجي ئي ڌرتي کان ڌڪي ڌار ڪرڻ خاطر هندستان مان چونڊي چونڊي ڪرمنل رڪارڊ رکندڙ ماڻهن کي سنڌ آڻي آباد ڪيو ويو ۽ سنڌ جي پڙهيل لکيل ۽ پرامن شهرين کي سنڌ مان لڏڻ تي مجبور ڪيو ويو. هِتي آيل ۽ هتان زوري لڏايل ماڻهن پنهنجي پنهنجي نئين ملڪ جي ترقي ۽ سر بلندي لاءِ ڇا ڇا ڪيو آهي؟ اهو ڄاڻڻ لاءِ اسان جي سامهون ٻنهي ملڪن جي علمي، ادبي ۽ معاشي صورتحال آڏو آهي.
جيتوڻيڪ اسان جو ملڪ برطانوي راڄ مان آزاد ته ٿيو پر بدقسمتيءَ سان ملڪ جي آزاد ٿيڻ سان ملڪي سياست ۽ آئين آزاد نه ٿي سگهيو جنهن سبب اسان صحيح معنيٰ ۾ آزادي جي نعمت کان محروم رهيا آهيون، اها محرومي رڳو شخصي ناهي پر ان جا اثر ملڪي معيشت، امن وامان سميت زندگي جي هر پهلو سان لاڳاپيل آهي، مداخلت کان پاڪ سياست، ادارن جي بالادستي ۽ آئين جي آزادي جو مثال به اسان جي سامهون آهي، جو اسان کان ڌار ٿيل يا اسان جا ٺڪرايل ”بنگالين“ جي ملڪي ڪرنسي به اسان جي ڪرنسي تي ڀاري ٿي وئي.
ملڪ کي نازڪ موڙ تي پهچائڻ ۾ ڪنهن به گهٽ ناهي ڪيو، ان ۾ اهي ادارا به ملوث رهيا آهن، جن جي ذميداري آئين تي عمل ڪرائڻ ۽ ملڪ کي آئين مطابق هلائڻ آهي، پر جڏهن اهي به آئين جي لتاڙ ڪري لساني تعصب جو شڪار بڻجي اهو ڪم ڪرڻ لاءِ چندو ڪٺو ڪن، جنهن جي نه ته آئين اجازت ڏئي ٿو ۽ نه ئي عالمي قانون توڙي اصول.جڏهن آئين جا پاسدار ادارا به غير آئيني عمل ڪن ۽ عوام جا محافظ ڦورو بڻجي کانئن ڦرلٽ ڪن ۽ جڏهن اهي ان قسم جي ناجائزي خلاف ڪو آواز اٿارڻ جي ڪوشش ڪن ۽ سندن اهو عمل جرم سمجهو وڃي ۽ ان ڏوهه جي پاداش ۾ کين کنڀي گم ڪيو وڃي ته ظاهر ڳالهه ملڪ ۾ اهڙِي ئي صورتحال پيدا ٿيندي جيڪا هاڻ ڏسڻ ۾ اچي ٿي.
سنڌ ۾ ڇا وهي واپرائي پيو، ماڻهو گهرن ۾ به غير محفوظ بڻجي ويا آهن، بلوچستان جي صورتحال ڏينهون ڏينهن بگڙجندي پئي وڃي، جيڪا ڏينهون ڏينهن شدت اختيار ڪندي پئي وڃي، ڇاڪاڻ ته بلوچستان جي صورتحال کي سنڀارڻ لاءِ ڳالهيون ڪرڻ گهرجن ها، پر اسان جا ادارا ڳالهين جي بدران طاقت جو استعمال ڪيو، طاقت جي استعمال کان اڳ کين اها ڳالهه سوچڻ گهرجي ها ته طاقت جي ناڪام ٿيڻ کانپوءِ وٽن ٻيو ڪهڙو آپشن هوندو؟ بلوچستان ۾ طاقت جي استعمال مان حاصل ٿيندڙ جيڪي نتيجا سامهون آيا آهن اهي نهايت ئي خوفناڪ ۽ ڀوائتا آهن جو بلوچستان جا معصوم ٻار ۽ عورتون به ميدان عمل ۾ اچي ويون آهن، اها ڳالهه ڳڻتي جوڳي ان لاءِ آهي جو ملڪي تاريخ ۾ هڪ ڀيرو اڳ به ائين ٿي چڪو آهي يعني اوڀر پاڪستان ۾.
ملڪ ڪيئي ورهين نازڪ موڙ تي بيٺل رهيو، جيڪو سياسي اڳواڻن ۽ ملڪي ادارن جي غلط پاليسين، فيصلن ۽ عملن سبب اهو ”آءِ سي يو“ ڀيڙو ٿي چڪو آهي. ان جا ذميدار هونئن ته سڀئي آهن، پر سياسي معاملن ۾ مداخلت ڪري آئين جي لتاڙ ڪندڙ طاقتور ماڻهن جو اهم ڪردار رهيو آهي.
جيئن ته هاڻي احستاب جو عمل شروع ٿي چڪو آهي، ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن طاقتور شخص کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جنهن سبب ملڪي صورتحال کان مڪمل طور مايوس ٿيل ماڻهن ۾ ڪنهن قدر اميد جو احساس جاڳيو آهي. ملڪ کي بچائڻ ۽ ان کي موجوده بحران مان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ احستاب جو عمل ئي آخري اميد آهي، جيڪو ملڪ کي مسئلن جي ڌٻڻ مان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ ڪارگر ثابت ٿي سگهي ٿو، ۽ اهو هڪ ئي رستو وڃي بچيو آهي، جنهن تي ايمانداري سان عمل ڪري پنهنجو وڃايل وقار ڪنهن قدر بحال ڪري سگهجي ٿو، پر اهو سڀ تڏهن ممڪن ٿيندو جڏهن ان سڄي عمل ۾ ايمانداري ۽ انصاف مان ڪم ورتو ويندو.
جيئن ته هاڻي احستاب جو عمل شروع ٿي چڪو آهي، ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن طاقتور شخص کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جنهن سبب ملڪي صورتحال کان مڪمل طور مايوس ٿيل ماڻهن ۾ ڪنهن قدر اميد جو احساس جاڳيو آهي. ملڪ کي بچائڻ ۽ ان کي موجوده بحران مان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ احستاب جو عمل ئي آخري اميد آهي، جيڪو ملڪ کي مسئلن جي ڌٻڻ مان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ ڪارگر ثابت ٿي سگهي ٿو، ۽ اهو هڪ ئي رستو وڃي بچيو آهي، جنهن تي ايمانداري سان عمل ڪري پنهنجو وڃايل وقار ڪنهن قدر بحال ڪري سگهجي ٿو، پر اهو سڀ تڏهن ممڪن ٿيندو جڏهن ان سڄي عمل ۾ ايمانداري ۽ انصاف مان ڪم ورتو ويندو.