ادبي بورڊ جي ڍڳي وارو لوگو بحال ڪريو

تحرير: خاصخيلي لطيف راولاڻي

ورھاڱي کان سنڌي ادب کي ترقي وٺرائڻ لاءِ جتي خانگي علمي ادبي ادارا قائم ھئا ته اتي ان وقت جي سرڪار سڳوري به علمي ادبي ڪم کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ ڪجھه ادارا پنھنجي سرپرستي ۾ قائم ڪيا انھن ۾ درسي ڪتابن لاءِ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۔سنڌ انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي سنڌ يونيورسٽي پريس ۽ سنڌي ادبي بورڊ جھڙا ناليوارا ادارا قائم ڪري سنڌي ادب ۽ ٻولي جي واڌاري لاءِ ڪم ڪرڻ شروع ڪيا ۽ سنڌي ادب ۾ پنھنجو مقام ٺاھيو جيتوڻيڪ اھو نج سرڪاري ادارو آھي پر ادبي کيتر ۾ ان جي وڏي اھميت ۽ افاديت رھي آھي. ان دور ۾ جڏھن موهن جي دڙي مان نڪتل مھرن ۽ پٿر جي ٺھيل مجسمن کي عالمي حيثيت ملي ۽ ان کي پوري دنيا ۾ روشناس ڪرايو ويو انھن نڪتل مھرن ۽ مجسمن مان ڍڳي وارو مھر خاص اھميت جو حامل ھو ۽ سرڪار سڳوري ان کي سنڌي ادبي بورڊ جي لوگو جي طور تي منظور ڪري ان کي لک پڙھ ۽ ڪتابن جي پبلشر جي سڃاڻپ جي طور تي استعمال ڪرڻ لڳي جيڪو سلسلو ڪافي سالن تائين جاري رھيو ۔

ڍڳو جيڪو سنڌ جي قديم ثقافت جي اھڃاڻ جي طور تي سڃاتو وڃي ٿو ان کي بين القوامي طور تي به پذيرائي ملي چڪي آھي بيل گاڏي ۾ به اڄ ڏينھن تائين ڍڳي کي استعمال ڪيو وڃي ٿو ۔ٻھراڙي ۾ ھڪ ڳوٺ کان ٻئي ڳوٺ تائين انھيءَ کي سواري جي طور تي به ڪتب آندو وڃي ٿو ۔ڍڳو سنڌ جي سڃاڻپ ۽ علمي ادبي حلقن ۾ ھڪ نمايان حيثيت حاصل ڪري چڪو آھي سنڌ جي لوڪ گيتن ۾ انھيءَ علامت کي ڳايو وڃي ٿو جئين ھي لوڪ گيت ڪافي مشھور آھي ۔”ڍڳو پير پيران ڍڳي جو ملهھ ھزار ڍڳو پير پيران “

سنڌي ادبي بورڊ جيئن ئي قائم ٿيو ته اھو سرڪاري سررستي ۽ فنڊ تي ھلي رھيو آھي ان ڪري ان جي چيئرمن ۽ سيڪريٽري جھڙي عھدي تي به سرڪاري ماڻھو مقرر ڪيا ويندا آھن مخدومن جو خاندان به شروعاتي دور کان علم وادب سان واڳيل رھيو آھي ھنن جا پنھنجا به علمي ادبي ادارا قائم آھن جيڪي مختلف نالن سان سنڌي ادب جي خدمت ڪري رھيا آھن جن ۾ سروري جماعت بزم طالبالمولى ۽ ٻيا ادارا ان ڪري ئي سنڌي ادبي جي چيئرمن شپ مخدوم خاندان جي ذمي رھي آھي ته اھي ان علمي ادبي اداري جي چڱي نموني سان خدمت ڪري سگھن ٿا ۽ ان جي علمي ادبي اھميت کي به سمجھن ٿا شاعري سان مخدوم فئملي جو گھڻو لڳائو رھيو آھي خود مخدوم طالب المولى به اعلى پائي جو سٺو شاعر رھيو آھي جنھن غزل ۽ ڪافي تي طبع آزمائي ڪئي آھي ان کان پوءِ شاعري انھن جي پٽن پوٽن ۾ منتقل ٿي وئي آھي ۔

موجوده سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمن به مخدوم سعيدالزمان آھي پر ڪافي مھينن کان علمي ادبي حلقن ۾ اھا ڳالهھ گردش ڪري رھي آھي ته ڍڳي وارو قديم لوگو کي ختم ڪيو ٿو وڃي ھاڻي جيڪي به علمي ادبي ڪتاب شايع ٿيندا انھن تي ڍڳي وارو لوگو نه ھوندو ان اھم مسئلي تي سنڌي ادبي سنگت سميت سياسي سماجي تنظيمن احتجاجي مظاھرا به ڪيا پريس بيان به جاري ٿيا پر ان جو ڪوبه کڙتيل نه نڪري سگھيو آھي اليڪٽرانڪ ميڊيا تي آواز اٿاريو ويو ته ڍڳي واري لوگو کي بحال ڪيو وڃي جيڪي موهن جي دڙي سميت سنڌ جي ھزارن سالن تھذيب جي سڃاڻپ ۽ علامت رھي آھي ان کي ختم ڪرڻ معنى سنڌ جي قديم تھذيب سان ھٿ چراند جي مترادف سمجھيو ويندو ان ڪري ڍڳي واري لوگو کي بنا دير جي بحال ڪيو وڃي ۽ ڪي به اھڙا قدم نه کنيا وڃن جن سان سنڌ جي علمي ادبي ادارن جي تقدس پائمال ٿيڻ جو خطرو ھجي واضح رھي ته انھي ڍڳي واري لوگو جي اشاعت کان پوءِ سنڌ جي سڀني پبلشرن ۽ ادارن پنھنجا ثقافتي تھذيبي لوگو لڳائڻ شروع ڪيا مارئي اڪيڊمي ته پنھنجي لوگو ۾ سنڌ جو نقشو ڏنو آھي اھڙي ريت سڀ سنڌي پبلشر جيڪي سنڌي ادب ٻولي جي خدمت ڪن ٿا انھن پنھنجا ثقافتي لوگو ھڻي علم و ادب جي خدمت ڪري رھيا آھن ۔

ھڪ دفعو ٻيھر ھن ليکڪ ذريعي سنڌ حڪومت ۽ ثقافت سياحت آرڪيالاجي ٻولي اٿارٽي سان واڳيل ادارن کي پرزور مطالبو آھي ته سنڌ جي سڃاڻپ قديم تھذيب جي نمائنده نشان ڍڳي وارو نشان بحال ڪري ڪروڙين سنڌ واسين جي دلين مان بيچيني ختم ڪئي وڃي ۽ ان ڍڳي واري لوگو کي سنڌي ادبي بورڊ جي نشاني جي طور تي رھڻ ڏنو وڃي ۽ ان کي ختم نه ڪيو وڃي ۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.