چڱي خاصي عرصي کان هِن پياري مُلڪ لاءِ ڪا خاص يا سُٺي خبر نه اَچِي رهي هئي شُڪر آھي پروردگار جو، اوچتو ھڪ انتهائي سُٺي ۽ خوشيءَ جي خبر اِها ملي ته مانوارا جناب ارشد نديم صاحب پاڪستان لاءِ هڪ عدد سون جو تمغو حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي. ڪرڪيٽرن ته اول ئي قوم "ڀٽاري” کي مايوس ڪري رکيو هو، جيئن ئي ارشد نديم جي اولمپڪس 2024 ۾ چيمپئن ٿيڻ جي خبر عام ٿي ته عوام کان وڌيڪ سياستدان ، ڪامورا ، ميئر ۽ اهم ادارن جا اڳواڻ سرگرم ٿي ڀَڀڪيون هڻَڻ ۾ پورا ٿي ويا.
مان به اُن خوشيءَ ۾ دل ئي دل تمام گهڻو خوش ٿي رهيو هيس ، جو سامهون چاچي پَرُو پنھنجي مُنڍي ڪڍي ۽ پري کان ڪُوڪُون ڪندو آيو: توبھه ، ظلم آ اسان ته سڄي زندگي محنت ڪري ڪري موتي فوتي پروگرام ۾ اچي پھتا آهيون ۽ هن همراھ هڪڙي لٺ اُڇلي سڄي ملڪ کي جهومائي ڇڏيو آهي. ڪروڙن جا ڪروڙ سندس جي جهوليءَ ۾، واھ جو انصاف آ!؟ چيم: نه چاچا ايئن ناهي، هِن همراھ اولمپڪ راندين ۾ نيزي بازي( Javelin Throw) ۾ 16 سالن جو اولمپڪ جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آ………. منهنجي جملي کي ڪٽيندي: ها ابا جيڪي ٽوڙين ٿا اُنھن لاءِ انعامن جا مينهن ۽ جيڪي "اسين” جوڙي جوڙي مري ويا هون ، ڪڏهن به سائين مُراد علي شاھ ڪو کوٽو سڪو به ڪون ڏيکاريو (پري کان ئي سهي.)
ڪجھه گھڙيون هيڏي هوڏي ڏسي وري شروع ٿي ويو: هِن مُلڪ ۾ ڪيڏا مِينهن پئجي رهيا آهن ڪيڏا ماڻهون مري رهيا آهن، مالي نقصان ٿي رهيا آهن پر هنن جي جسم تي جُونءَ به ڪونه ٿي چُري ۽ ٻئي پاسي هنن همراهن ارشد نديم تي ڪروڙن جا مِينهن وسائڻ شروع ڪيا آهن. ٻڌايائين تفصيل سان( مان چُپ چاپ کيس ڏسندو ۽ ٻڌندو رهيس) پهرين ڏينهن مون سنڌ حڪومت جو اعلان ٻُڌو 5 ڪروڙ ، منهنجو وات گودو ٿي ويو( الله ڪري سيد بادشاھ هن غربت سٽيل صوبي جا ايترا پئسا ضايع نه ڪري). اُن کانپوءِ مائي مريم صاحبه 10 ڪروڙ جو اعلان ڪري، ڄڻ منهنجا 10 ڏند ڀڃي وڌا وري اُن سان گڏ اسپيشل نمبر پليٽ واري ڪار ڏِئي ڪري ڄڻ ته منهنجي مٿان ڪار چاڙهي ڇڏي. اُن کان پوءِ شهباز ميان 15 ڪروڙن جو حڪم جاري ڪيو آ. وري خبر اُھا پئي ته گورنر سنڌ 20 لک روڪ ادا ڪندو، اُن کان پوءِ گنڊا پور هنن پيسن ڏيڻ جي مخالفت ڪري، ٻئي ڏينهن تي 50 لک انعام جو اعلان ڪيو( هِيانءُ جي باھ کان) ، جڏهن ته مختلف وزير ، گورنر ، سياسي ۽ سماجي شخصيتون اعلانن مٿان اعلان ڪري رهيون آهن. سائين ناصر بادشاھ ته حد ڪري ڇڏي، ارشد ته ارشد سِڌو وڃي هُن جي ماءُ وٽ بريڪ هنيائين. چيم: چاچا اهو ڇا ٿا چئو ، دماغ ته صحيح اَٿوَ ؟ کِلي چوڻ لڳو: ها پُراڻي ڏوئي جهڙا تون نه سمجهي سگھندين، منهنجو اهو مطلب هو ته سائين ناصر شاھ صاحب ايٿليٽ جي ماءُ کي ڪار تحفي ۾ ڏني آ اُتي وڃي بريڪ نه هڻندو ته سڄو ڏينهن پاڻ هلائيندو ڇا!؟
ٿوري آرام کانپوءِ: ۽ ها سکر جي ميئر اعلان ڪيو آ ته ايٿليٽ کي سونو تاج پارايو ويندو، شرجيل ميمڻ به انعام ۾ کيس پريميئر نمبر پليٽ ڏيندو.( اسان کي ته ڪا عام پليٽ به ڪون ٿو ڏئي). اُن کان علاوه مُراد علي شاھ 50 لک جو ٻيو پڻ اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته مُلڪ جي اهم اداري پڻ کيس دعوت ڏني آ، ڏسجي ته اُتي ڇا ٿو ملي وڏي ڀاءُ کي. چيم: توھان کي ڪهڙي تڪليف آ؟ مدبرانه انداز ۾ مون ڏانهن ڏسندي: اُھي پيسا پنھنجي ذاتي خزاني مان ٿا ڏين يا عوامي خزاني مان؟ چيم: جيڪو ماڻهو ڪُرسيءَ تي جڏهن ويهي ٿو ته پوءِ سَڀ خزانا اُن جا آهن، ڇا عوامي ڇا ذاتي ، سَڀ ڪجھه پنهنجو اٿن جيئن وڻين تيئن ڪن. مايوس ٿيندي چوڻ لڳو: ها يار، تو جهڙا اديب ۽ دانشور ھوندا ته ايئن ئي ٿيندو. چيم: چاچا هڪڙي ماڻهو هِن مُلڪ جو نَڪُ ڌوتو آ جي اُن کي سون ۽ پيسن سان وهنجارين ٿا ته توھان ته خوش ٿيو. اندر جي باھ ۾ چوڻ لڳو: ها ابا ڇو نه … سڄو ڏينهن وهنجارنس پر ڪي 5 ، 10 روپيا اسان کي به عنايت ڪن، جي اُن مان وهنجي نه سگهياسين ته گھٽ ۾ گھٽ وضو ئي ڪري سگھئون ته به چڱو!!! چيم: چاچا اڄ توھان جون ڳالهيون مون کي سمجهه ۾ ڪو ٿيون اچن… منهنجي ڳالهه کي ڪٽيندي: ها پُٽ ، توکي ڪا ٽيڊي پائي به ڪانهي ملي سَڀ تحفا ، مال ملڪيت ته وڏو ڀاءُ کڻي ويو تنهنجو دماغ ڪم ڪندو اڃا!؟ چڱو ھاڻي آخري ڳاهه ٻڌ ته مان به وڃي ڪا لٺ هٿ ڪريان. چيم: چاچا جيءُ. مُشڪي چوڻ لڳو: مٺو کيرُ پيءُ ، ٻيو ته ٺهيو پر هُو مولانا طارق جميل صاحب به کيس 50 لک عطا فرمايا آهن.
ھوڏانھن ٿا چون مُلڪ ۾ پيسو ڪونهي ۽ هيڏانهن ماڻھن کي پاڏو سمجهي پيسن سان پيا وھنجارين! چيم: ارشد نديم هيرو آهي هِن مُلڪ جو… منهنجي ڳاهه کي چُونو هڻندي: ها ابا نديم به ته هيرو هيو نه مُلڪ جو ڇا مليو آ اُن کي، الائجي ڪيترا هيرا هتي دربدر ۽ خراب خوار ٿي رهيا آهن، اُنھن هيرن کي گند مان ڪڍي اصلي جاءِ تي ڪير رکندو آخر!!؟ هي سَڀ هڪ خاص پلاننگ تحت ٿي رهيو آ، وڏي ڀاءُ جي جاءِ تي ڪو ننڍو ڀاءُ اهڙو ڪارنامو سرانجام ڏئي ها ته ڪو ڪتو به ڪون پڇيس ها، چڱو اهو ٻڌا هُو جنهن پاڻيءَ تي ڪار هلائي ھئي اُهو هيرو هيو يا نه هيو، ڇا ڏنو سائين بادشاهن اُن کي، لاڙڪاڻي جو نوجوان اسد ميمڻ جبل چاڙهو صدارتي ايوارڊ يافته پنجن کنڊن جون چوٽيون سر ڪري چُڪو ڇا ڏنو سيدن اُن کي، الائي ڪيترن هيرن سان ڀريل آ اسانجو وطن پر خير