ڪينجهر ڍنڍ کان هونئن ته هر ڪو واقف آهي ۽ اڪثر ماڻهو ڪيترائي ڀيرا ، ڪينجهر جو سير سپاٽو ڪري چڪا هوندا . پر هتي اڄ آئون ڪجهه اهڙي ڄاڻ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس ، جيڪا ٿي سگهي ٿو ته اوهان لاءِ نئين هجي.
سنڌ جي ڀُونءِ وِگيانن موجب ڪِينجهر ڪيترائي هزار ورهيه اڳي سنڌو درياهه جي پيٽ جو حصو هئي ، پر جڏهن سنڌو درياهه پنهنجو وهڪرو مٽايو تڏهن ڪينجهر هاڻوڪي صورتحال اختيارڪئي. ڪينجهر ڍنڍ جو عروج تڏهن کان شروع ٿيو جڏهن کان هن ”سونهري ڍنڍ“ سان لائون لڌيون. ۽ هاڻ ڪينجهر پنهنجي زوال طرف وڃي پئي !
1958ع کان ڪوٽڙي بئراج جو وجود پوڻ کان پوءِ ، ڪينجهر کي ڄامشوري وٽان ”ڪراچي واهه“ ذريعي ڀريو ويندو آهي. ان کان سواءِ ڪجهه برساتي نيئون ، ڍورا ، ڍوريون ۽ جِهم واري چشمي جو پاڻي به ڪينجهر ڍنڍ جا ڀَرتو آهن.
- ڪِينجهر ڍنڍ ٺٽي ضلعي ۾ موجود آهي. هن وِشال ۽ خوبصورت ڍنڍ جي ڊيگهه چوويهه ڪلوميٽر ۽ ويڪر ڇهه ڪلوميٽر آهي ، هن جو گهيرو لڳ ڀڳ 190 ڪلوميٽر آهي ۽ سراسر اونهائي گهٽ وڌ 26 فوٽ آهي.
- ڪينجهر ۾ لوياڇ ، سوڙهه ، ڪرنجهڙو ڍورو ، هرلو ، کٿڙي ، نينهون ، کارڙي ، گڻيش ، ٻاڙي ۽ لوهيرو ڍورو پڻ ڇوڙ ڪندا آهن.
- جهول ماڙي نالي هڪ طلسماتي ٻيٽ به ڪينجهر ڍنڍ اندر موجود آهي ، جيڪو اڄ به تحقيق طلب آهي ۽ ان ۾ ڪيئي راز سمايل آهن. جڏهن ڪينجهر ۾ پاڻي گهٽ هوندو آهي تڏهن اهو پراسرار ٻيٽ ۽ ان ۾ موجود هڪ قديم غار ظاهر ٿي پوندو آهي. پر اسان جي قديم آثارن واري کاتي جي نظر شايد ان تائين نه پهتي آهي.
- ڪينجهر ڍنڍ اندر ٻيا به ڪيترائي ننڍا وڏا ٻيٽ ۽ ٻيٽاريون موجود آهن ، جن تي اڃا تحقيق نه ٿي سگهي آهي.
- ڪينجهر ۾ موجود هر هڪ ٻيٽ تي مختلف قسم جي آبي ۽ جهنگلي جيوت وارا جاندار موجود آهن.
- ڪينجهر ڍنڍ وٽ موجود نوري ريسٽورنٽ ، پارڪ ۽ جديد طرز وارا رهائشي ڪمرا پڻ ٺهيل آهن ، جتي ماڻهو فئمليءَ سان گڏ اچي رهي ۽ گهمي ڦري سگهن ٿا.
- ڪينجهر ڍنڍ ۾ ٻيڙيءَ جي سواريءَ سان گڏ ، ڪناري تي وهنجڻ جو مزو به وٺي سگهجي ٿو.
سنڌ حڪومت جي ثقافت ۽ سياحت کاتي وارن لاءِ ڪجهه صلاحون
- ڪينجهر ڍنڍ جو قدرتي حسن برقرار رکڻ لاءِ اهو تمام گهڻو ضروري آهي ته ، ان جو پاڻي مختلف رهائشي اسڪيمن لاءِ نه کڻڻ گهرجي ، نه ته ڪينجهر ڍنڍ ڪجهه ئي سالن ۾ منڇر ڍنڍ وانگر تباهه ۽ برباد ٿي ويندي.
- ڪينجهر ڍنڍ ۾ ٻارنهن ئي مهينا مناسب مقدار ۾گهربل پاڻي هجڻ گهرجي ته جيئن ان ۾ موجود آبي ۽ جهنگلي جيوت جي بقا ۽ ضروري واڌ ويجهه ٿيندي رهي.
- ڪينجهر ڍنڍ جي ڪنارن ۽ ان اندر موجود ٻيٽن ۽ ٻيٽارين وارن قديم آثارن ، آبي جيوت ۽ جهنگلي جيوت تي تحقيق ٿيڻ گهرجي ۽ ماضيءَ ۾ ”ڪينجهر“ نالي ڇپجندڙ مشهور رسالي کي ٻيهر سلسليوار ڇپرائڻ گهرجي.
- سنڌ حڪومت جي سياحت ۽ ثقافت کاتي وارن کي ڪينجهر وٽ هڪڙو ثقافتي ميوزيم ٺهرائڻ گهرجي جنهن ۾ علائقي جي هٿ جي هنر ، مڇيءَ جي قسمن ۽ اتان جي قديم آثارن ۽ رهڻي ڪهڻيءُ جا منظر پيش ٿيل هجن.
- سنڌ حڪومت جي لاڳاپيل کاتي وارن کي ڪينجهر ڍنڍ جا خوبصورت ۽ معلوماتي بروشر ڇپرائي سنڌ ۽ پاڪستان جي مختلف ايئرپورٽن تي رکرائڻ گهرجن ته جيئن وڌ کان وڌ ڏيهي توڙي پرڏيهي ماڻهن کي ڪينجهر ڍنڍ بابت ڄاڻ حاصل ٿي سگهي ۽ اوري توڙي پري وارا سياح گهمڻ ۽ معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ ڪهي اچن.