پ پ اڳواڻن کان پي ٽي آءِ وارا سياسي سبق سکن

تحرير: ڊاڪٽر الهوڌايو ڪلو

پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي حيدرآباد جي ميئر ڪاشف خان شورو صاحب، ڊپٽي ميئر صغير خان قريشي صاحب ٻين اڳواڻن سان گڏجي ضلعي حڪومت جي بجيٽ پيش ڪئي، بجيٽ اجلاس ۾ وڏي انگ ۾ جيالا ۽ جياليون پڻ موجود هيون، ان موقعي تي مخالف ڌر پي ٽي آءِ، جي چند ميمبرن پنهنجي روايتي غير جمهوري عملن جي تسلسل جي پوئواري ڪندي، بجيٽ اجلاس دوران حال ۾ ٻڙڌڪ مچائي، پنهنجي اندر جي کوکلائپ ظاهر ڪئي، هنن کي غير جمهوري، غير اخلاقي سياسي سبق بني گالا ۾ سندن پارٽي سربراهه عمران خان نيازي پڙهائي پڪو ڪرايو، هاڻي هرهنڌ هر جاءِ تي، ان تسلسل کي جاري رکيون پيا اچن،

غير جمهوري، غير اخلاقي سبق جو پهريون لقاءَ يوٿين 9 مئي تي ڪري ڏيکاريو ۽ دنيا وارن پنهنجي اکين سان ڏٺو، اهڙو لقاءُ ڪرڻ تي دنيا حيران آهي، دنيا سوچي پئي “پي ٽي آءِ باني سميت هي ڪهڙي قسم جي سياسي مخلوق آهي جيڪو پنهنجي ئي ملڪ ۽ ملڪ جي اهم دفاعي ادارن تي حملا ڪري وڙهي رهيا آهن” هنن بدبخت، بي عقلن کي شل! خدا ساڃاهه ڏي، عقل ڏي، پنهنجي ملڪ ۽ عوام تي رحم ڪن، پاڪستان دشمن عالمي سامراجي قوتن جي سهاري سان، پنهنجي ملڪ ۾ اهڙيون غير يقينيءَ واريون حالتون پيدا ڪيون ويٺا آهن، جنهن سان نه فقط پاڪستان جو اقتصادي توڙي سياسي ڍانچو تباهه ٿي چڪو آهي، پي ٽي آءِ باني جي سربراهي ۾ هي ڏڦيرو گروهه ملڪ ۾ اڃان به وڌيڪ دڦيڙ پيدا ڪرڻ لاءِ روز نيون غير حرڪتون، غير حڪمت عمليون جوڙي ملڪ کي اونداهين ڏانهن وٺي وڃڻ لاءِ خطرناڪ رستن سان هلي رهيا آهن. اهڙيون حرڪتون ڪرڻ کي پي ٽي آءِ وارا پنهنجي لاءِ انقلاب سمجهن ٿا. جنهن سان ملڪ جي تباهيءَ کان سواءِ، ڪنهن کي به، ڪجهه به نصيب ۾ نه ايندو!! بني گالا مان پُر تشدد سياسي سبق پڙهڻ واري تسلسل کي پي ٽي آءِ پنهنجي لاءِ وڏي ڪاميابي سمجهي، جيئن جو تيئن جاري رکيون پيو اچي سينيٽ جي اجلاسن ۾، قومي اسيمبلي اجلاسن ۾، توڙي پنجاب، بلوچستان ۽ سنڌ اسيمبلي جي اجلاسن ۾ پي ٽي آءِ وارن کي بني گالا وارو پڙهايل پُر تشدد سبق پڙهڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه ايندو آهي، اجلاس شروع ٿيندي ئي هي همراهه ڪروڌ ڪرڻ شروع ڪري ڏيندا آهن. عوامي ايوانن ۾ ٿيندڙ جمهوري اجلاسن ۾ ملڪ جي ڀلائي، عوام جي ڀلائي پنهنجي تڪن ۾، جتان جي ماڻهن هنن کي ووٽ ڏيئي ڪامياب ڪرائي عوامي ايوانن تائين پهچايو آهي، انهن جي ڀلائي، ترقياتي ڪم ڪرائڻ جي ڪا ڳالهه ڪرڻ لاءِ پي ٽي آءِ جي چونڊيل نمائندن پنهنجي زبانن کي تالا هڻي ڇڏيا آهن، ڪڏهن به ملڪ ۽ عوام جي ڀلائي، چڱائيءَ جي ڳالهه ڪرڻ لاءِ تيار ناهن، هنن جي پُر تشدد سياست ۽ غير جمهوري، غير مهذب طريقا اختيار ڪرڻ ئي سندن نصيب ۾ آهي، اهڙا غير عمل ڪرڻ سان سندن ئي پارٽي جو خاتمو ٿي ويندو. بني گالا ۾ پڙهايل پُرُ تشدد سبق جو تسلسل پي ٽي آءِ، وارن تازو حيدرآباد ۾ ضلعي حڪومت جي بجيٽ اجلاس دوران جاري رکي پنهنجي مٿان خلق کلائي.

وڏي اڪثريت سان چونڊيل پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي حيدرآباد جو عوامي ميئر ڪاشف خان شورو صاحب پنهنجي گهڻ رخي ميمبرن، پارٽي اڳواڻن جيالن ۽ جيالن سان گڏ، جمهوري روايتن موجب بجيٽ پيش ڪرڻ جي شروعات ڪئي ته، ان وقت پي ٽي آءِ جي هڪڙي خواتين طوطي بني گالا مان پڪو ڪرايل سبق پڙهڻ شروع ڪيو. بنا ڪنهن مقصد جي ٻولڻ شروع ٿي وئي ۽ پوءِ اٿي بيهي ميئر صاحب جي ويجهو اچي بداخلاقيءَ جو مظاهرو ڪرڻ لڳي، اُنَ طوطيءَ جي پويان پي ٽي آءِ جا طوطا به اُٿي بيهي ٽِيون ٽِيون ڪرڻ لڳا غير جمهوري ۽ غير اخلاقي جو مظاهرو ڪرڻ ۾ پنهنجي وسان ڪين گهٽايائون، حالانڪ اُنَ وقت سڄو حال پاڪستان پيپلز پارٽي جي ضلعي اڳواڻن، جو شيلن جيالن ۽ جيالين سان ڀريل هو، ۽ ميئر ڪاشف خان شورو صاحب، پنهنجي ٻين اڳواڻن ڊپٽي ميئر صغير خان قريشي صاحب، عاجز ڌامراهه، علي محمد سهتو، وسيم راجپوت، عبدالجبار خان ۽ بين اڳواڻن سان اجلاس جي سربراهي ڪري بجيٽ پيش ڪري رهيو هو، پي ٽي آءِ جي طوطي ۽ طوطن جي انتهائي غير رويو اختيار ڪرڻ تي، جيڪڏهن پاڪستان پيپلز پارٽي جي جيالن ۽ جيالين جو صبر جو پئمانو لبريز ٿي وڃي ها ته اُنَ وقت ڇا ٿي پوي ها!؟ يقينن اهوئي ٿي ها، جيالن ۽ جيالين جي هٿان، پي ٽي آءِ جي ٻوليندڙ چند طوطين ۽ طوطن جا پَرَ بجيٽ اجلاس دوران سڄي هال ۾ اُڏامندي ئي نظر اچن ها. پر! جس هجي ميئر ڪاشف خان شورو ۽ ڊپٽي ميئر صغير خان قريشي صاحب کي جن پنهنجي جيالن ۽ جالين کي صبر جي تلقين ڪندا رهيا ۽ جيالن، جيالين جمهوري روايتن ۽ قدرن جي پاسداري ڪندي، خاموشي اختيار ڪئي، سياست ڪيئن ڪبي آهي؟ جمهوري روايتن جي پاسداري ڪيئن ڪبي آهي؟ اجلاسن مهذب طريقي سان ڪيئن ڳالهائبو آهي؟ اهو سب ڪجهه پي ٽي آءِ وارن کي پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻن ۽ جيالن کان سکڻ گهرجي..

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.