ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته تازين گرفتارين مان ثابت ٿئي ٿو ته سازشن ۾ پي ٽي آءِ ۽ سهولتڪارن جو هٿ آهي، جڏهن ته هڪ ٻيو به سهولتڪار آهي جيڪو عدالتن ۾ پي ٽي آءِ کي رليف ڏيڻ لاءِ اڃا تائين اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته 9 مئي تي گرفتارين کي سٺو سنوڻ قرار ڏيون ٿا، جن ملڪ کي نقصان پهچايو انهن جو احتساب ٿيڻ گهرجي.شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پاڪستان جي سلامتي لاءِ اهم فيصلا ڪيا پيا وڃن، انهن سمورن ماڻهن خلاف گهيرو ڪيو پيو وڃي، جيڪي 9 مئي سانحي ۾ ملوث آهن يا ملڪ جي ادارن خلاف سازشن ۾ ملوث آهن. هاڻوڪي گرفتارين مان ثابت ٿئي ٿو ته ادارن خلاف ناپاڪ سازشون، ڊجيٽل دهشتگردي ذريعي ملڪ جي نوجوانن کي گمراهه ڪرڻ جي سازش يا ڏڦيڙ پکيڙڻ جي سازش ۾ پي ٽي آءِ جي قيادت ۽ ان جا ڪجهه سهولتڪار ملوث هئا.هن وڌيڪ چيو ته ڪو چاهي ٿو ته دٻاءُ پيدا ٿئي ۽ ان دٻاءَ ۾ عمران خان خلاف ڪارروايون بند ڪيون وڃن ۽ عمران خان کي اقتدار جي ڪرسي تي ويهاريو وڃي، جيئن 2018ع ۾ ڌانڌلي ذريعي ويهاريو ويو هو.ان کي ورجائڻ لاءِ 9 مئي تي واقعا ڪيا ويا.