ڪراچي (رپورٽ: ذوالفقار راڄپر) سنڌ ڪابينا ڪراچي سينٽرل ضلعي ۾ 612 ايڪڙ زمين تي 120 ميگاواٽ جو سولر پارڪ قائم ڪرڻ ۽ سنڌ اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (سيپرا) جي قيام جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ وزيراعلي هائوس ۾ سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ اهم فيصلن تي غور ويچار کانپوءِ انهن فيصلن جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ مڪاني ادارن جي وزير سعيد غني ڪابينا کي ٻڌايو ته گجر نالي، محمود آباد ۽ اورنگي نالي جي 6932 متاثرن کي آباد ڪرڻ جي ضرورت آهي. انجنيئرنگ ڪائونسل متاثرن کي گهرن جي تعمير لاءِ مرحليوار فنڊ جاري ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي. تجويز ڪيل شيڊول موجب ڪم شروع ڪرڻ لاءِ 5 لک رپيا گهر تعمير ڪرڻ وارن کي ڏنا وڃن، گهر جو بنياد رکڻ ۽ ڇت تائين ڀتين جي اڏاوت لاءِ 5 لک رپيا ۽ ڪم مڪمل ڪرڻ لاءِ 5 لک رپيا ڏنا وڃن. سنڌ ڪابينا سعيد غني جي سفارشن تي 80 گز (720 اسڪوائر فوٽ) گهرن جي تعمير لاءِ 10 ارب 65 لک رپيا جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني. پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل جي ڪاٿي موجب هر هڪ متاثر کي 14 لک 50 هزار رپيا ڏنا ويندا ، پر حتمي لسٽ سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي روشني ۾ فوڪل پرسن پاران تصديق کانپوءِ جاري ڪئي ويندي. ڪابينا مڪاني ادارن واري کاتي کي هدايت ڪئي ته شهري انفراسٽرڪچر جي تعمير لاءِ نظرثاني ٿيل پي سي ون جمع ڪرايو وڃي. ياد رهي ته سنڌ حڪومت تيسر ٽائون ۾ 258 ايڪڙ زمين نالا متاثرن جي آبادڪاري لاءِ رکي وئي آهي ڪابينا سنڌ ريگيوليشن آف اليڪٽرڪ پاور سروسز ايڪٽ 2023 تحت سنڌ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (سيپرا) جي قيام جي منظوري به ڏيندي سيپرا لاءِ 19 ڪروڙ 70 لک 91 هزار رپين جي منظوري ڏئي ڇڏي. جنهن ۾ اٿارٽي هڪ چيئرمين، ٽيڪنيڪل ڊولپمينٽ، قانوني ۽ مالياتي ميمبرن تي ٻڌل هوندي، ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته ڪراچي واٽر بورڊ موجوده حب ڪينال جي مرمت ڪندو ۽ مرحليوار 2 ارب 80 ڪروڙ ۽ 2 ارب 92 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان 100 ملين گيلن جو نئون ڪينال تعمير ڪندو. تعميراتي ڪم ڪراچي واٽر بورڊ ۽ وفاقي حڪومت جي تعميراتي ڪمپني ڪندي. وڏي وزير چيو ته ڪراچي کي پاڻي جي فراهمي لاءِ منصوبو انتهائي اهم آهي ان تي بنا ڪنهن رڪاوٽ ۽ دير جي ڪم شروع ٿيڻ گهرجي. ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب ۽ مڪاني ادارن واري وزير سعيد غني چيو آهي ته سنڌ حڪومت کان فوري امداد ملڻ کانپوءِ عملدرآمد لاءِ تڪڙا طريقا اختيار ڪيا ويندا. مراد علي شاهه چيو ته هو ڪراچي واٽر بورڊ کي ان شرط تي فوري فنڊ جاري ڪندو ته اهو منصوبو هڪ سال يعني 2025ع تائين مڪمل ڪيو وڃي. ميئر ڪراچي شرط منظور ڪئي جنهن تي وڏي وزير 12 ارب 70 ڪروڙ 20 لک رپيا فوري طور جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. سنڌ ڪابينا کي اهو به ٻڌايو ويو ته ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ جي جميلا پمپنگ اسٽيشن 1980ع ۾ ان وقت جي آدمشماري کي نظر ۾ رکندي تعمير ڪئي وئي هئي تنهن هوندي به پمپنگ اسٽيشن تي هاڻي سڄي اولڊ سٽي ايريا ۽ ٽيون حصو لياري جو روزانو 20 ملين گيلن لوڊ آهي. پمپنگ اسٽيشن جي انفراسٽرڪچر کي روزانو 35 ملين گيلن پاڻي تائين وڌائڻو پوندو، جنهن لاءِ سڄو انفرااسٽرڪچر تعمير ڪرڻو پوندو. ڪابينا جميلا پمپنگ اسٽيشن جي جلد واڌ لاءِ 20 ڪروڙ رپيا جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني. توانائي کاتي ڪابينا کي گذارش ڪئي ته پاڪستان ريلوي ميرپورخاص ڊويزن کان ٿر ڪول فيلڊ اسلام ڪوٽ تائين 150 ڪلوميٽر ريلوي لائين وڇائڻ لاءِ 1381.34 ايڪڙ زمين ۽ ڪراچي ڊويزن ۾ پورٽ قاسم کان بن قاسم تائين 9 ڪلوميٽر ريلوي لائين وڇائڻ لاءِ 30 ايڪڙ زمين گهري آهي، عمرڪوٽ ۾ 720 ايڪڙ، ٿرپارڪر ۾ 661.34 ايڪڙ ۽ ابراهيم حيدري ۾ 30 ايڪڙ زمين آهي، جڏهن ته 278.22 ايڪڙ زمين خانگي آهي جنهن مان 36.1 ايڪڙ عمرڪوٽ ۽ 242.12 ايڪڙ ٿرپارڪر ۾ آهي. ٿر مان ڪوئلي کي سڄي ملڪ ۾ بجلي جي منصوبن تائين پهچائڻ لاءِ ريلوي لائين استعمال ٿيندي. ريلوي لائين جي تعمير کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ پاور پلانٽس ٿر جو ڪوئلي استعمال ڪندا. ريلوي لائين سنڌ حڪومت ۽ پاڪستان ريلوي گڏيل طور تي ٺاهي رهي آهي. وڏي وزير، توانائي واري وزير کي هدايت ڪئي ته هو ريلوي لائين جي جلد تعمير لاءِ پاڪستان ريلوي سان رابطو ڪري. سنڌ ڪابينا ڪورنگي ضلعي ۾ بيمارين جي اسپتال جي تعمير لاءِ 40 ايڪڙ زمين الاٽ ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. سنڌ ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته توانائي کاتو عالمي بئنڪ جي مالي ۽ ٽيڪنيڪل مدد سان سنڌ سولر انرجي پروجيڪٽ تي ڪم ڪري رهيو آهي. ٽن ضلعن ۾ 320 ميگاواٽ جا 3 سولر پاور پارڪ قائم ڪيا پيا وڃن. سنڌ ڪابينا 1462 ايڪڙ زمين منصوبن لاءِ الاٽ ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي، مانجهند ضلعي ڄامشوري ۾ 50 ميگاواٽ جي سولر پارڪ لاءِ 250 ايڪڙ زمين، ڪراچي اولهه جي ڳوٺ هلڪاڻي ۾ 120 ميگاواٽ جي سولر پارڪ لاءِ 612 ايڪڙ زمين ۽ ضلعي اوڀر جي ديهه مراد بند ۾ ۽ ضلعي ملير جي ڳوٺ مٺوگھر ۾ 150 ميگاواٽ جو سولر پارڪ قائم ڪرڻ لاءِ 600 ايڪڙ زمين الاٽ ڪئي ويندي. بورڊ آف روينيو ٽنهي زمينن جي مد ۾ 1 ارب 362 لک رپين جي اسٽيمپ ڊيوٽي جاري ڪري ڇڏي آهي. وڏي وزير سائنس ۽ ٽيڪنالاجي کاتي کي هدايت ڪئي ته هو سڄي صوبي جي نوجوانن جي آئي ٽي مهارتن لاءِ پيپلز انفارميشن ٽيڪنالاجي پروگرام شروع ڪري. وڏي وزير چيو ته هن پروگرام ذريعي نوجوانن کي عملي تربيت ڏني ويندي ۽ انهن کي مارڪيٽ جي گهرج مطابق مختلف شعبن جا ڪورس ڪرايا ويندا. پروگرام اين اي ڊي يونيورسٽي حيدرآباد تحت ٿرپارڪر، مهراڻ يونيورسٽي تحت ميرپورخاص ڊويزن، آءِ بي اي سکر تحت شهيد بينظير آباد، سکر ۽ لاڙڪاڻو ڊويزن ۾ شروع ڪيا ويندا. شروعاتي طور تي 10,000 نوجوانن کي جاوا، پيٿان، ڊيٽابيس ايڊمنسٽريٽر، گرافڪ ڊيزائننگ، اي ڪامرس، ڊجيٽل مارڪيٽنگ، ويب ڊولپمينٽ، موبائل ايپليڪيشن ڊيولپمينٽ ۽ ڊيٽا سائنسز جي شعبن ۾ داخلا ڏني ويندي. ڪابينا لاڳاپيل يونيورسٽين کي ان حوالي سان ڪم شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي.سنڌ ڪابينا سنڌ روينيو بورڊ کي وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ مان ختم ڪري ناڻي کاتي سان ڳنڍڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.