مخدوم جميل الزمان جي بيان بعد پيپلزپارٽي مٽياري ۾اختلاف

مٽياري (رپورٽ: ضمير خاصخيلي) سروري جماعت جي روحاني پيشوا پ پ ايم اين اي مخدوم جميل الزمان پاران سنڌ اندر آرمي چيف کي سڌي مداخلت جي دعوت  ڏيڻ واري بيان کانپوءِ پيپلزپارٽي ضلعي مٽياري جا اختلاف کلي طرح سامهون اچي ويا آهن، 14 آگسٽ جي موقعي تي هالا ۾ تقريب کي خطاب ڪندي مخدوم جميل الزمان پنهنجي پارٽي جي حڪومت کي ناڪام قرار ڏيندي آرمي چيف جنرل عاصم منير سان مخاطب ٿيندي چيو هو ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي آپريشن شروع ڪريو. سروري جماعت جي روحاني پيشوا جي اهڙي بيان کانپوءِ پيپلزپارٽي ضلعي مٽياري اندر گذريل اليڪشن دوران پيدا ٿيل اختلاف کلي طرح سامهون اچي ويا آهن، هڪ طرف مخدوم جميل الزمان ۽ سندس فرزند صوبائي وزير مخدوم محبوب الزمان آهي ته ٻئي طرف سندس سئوٽ سنڌ حڪومت جي ترجمان ايم پي اي مخدوم فخر الزمان سميت پوري پيپلزپارٽي هڪ پيج تي اچي وئي آهي مخدوم جميل الزمان جي بيان تي سندس مريد ۽ سئوٽ مخدوم فخر الزمان رد عمل ڏيندي چيو آهي ته مخدوم جميل الزمان جو اهڙو بيان سندس ذاتي راءِ ٿي سگهي ٿو پر حقيقت اها آهي ته سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي تمام بهترين رهي آهي پوليس ڏوهارين خلاف ڀرپور نموني ڪارروائيون ڪري رهي آهي مخدوم خاندان هميشه پيپلزپارٽي جو حصو رهيو آهي ۽ اڳيان به رهندو.1

  • مخدوم جميل الزمان جو بيان کل جوڳو آهي: محمد علي شاهه ڄاموٽ

مٽياري: سڄي زندگي پيپلزپارٽي جي مخالفت ۾ رهندڙ ۽ 2017 ڌاري پيپلزپارٽي ۾ شموليت اختيار ڪري سينيٽر بڻجندڙ مٽياري  کان وزارتن جا مزا چکيندڙ هاڻي چون ٿا پيپلزپارٽي خراب آهي جيڪڏهن پيپلزپارٽي خراب آهي ته پوءِ وزاتن تان استعيفا ڏئي ڇڏيو هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ امن امان وڌيڪ بهتر آهي سنڌ پوليس ڏوهارين خلاف ڪارروايون ڪري رهي آهي.

  • مخدوم صاحبن کي پ پ خراب لڳي رهي آهي ته پارٽي ڇڏي ڏين: علي حسين شاهه ڄاموٽ

مٽياري: هوڏانهن پيپلزپارٽي ضلعي مٽياري جي صدر علي حسين شاه ڄاموٽ پڻ مخدوم جميل الزمان جي اهڙي بيان تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته مخدوم صاحبن کي پيپلزپارٽي خراب لڳي رهي آهي ته پارٽي ڇڏي هليا وڃن سنڌ ۾ آرمي چيف کي مداخلت جي دعوت ڏيندڙ مٽياري ضلعي جي فنڊن تي به ادارن کي مداخلت جي دعوت ڏين.

  • هالا جو مخدوم خاندان سياسي طور ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو

مٽياري:  هالا جو مخدوم خاندان پڻ سياسي طور ٻن حصن ۾ تقسيم ٿي ويو آهي هڪ طرف سروري جماعت جو روحاني پيشوا مخدوم جميل الزمان پارٽي قيادت توڙي سنڌ حڪومت سان ناراض نظر اچي رهيو آهي ٻئي پاسي سندس مريد ۽ سئوٽ مخدوم فخر الزمان سندس موقف سان اختلاف رکندي پيپلزپارٽي توڙي سنڌ حڪومت جي ترجماني ڪري رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.