سنڌ جا غيرفعال ادارا؟

تحرير: غلام حسين لغاري

سنڌ فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي ڪراچي کان ڪشمور تائين ۽ ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين عوام کي صاف سٿريون ۽ معياري شيون فراهم ڪرڻ لاءِ خدمتون سرانجام ڏئي. هن اداري جون ضلعن ۾ به آفيسون آهن ۽ ساڳي وقت انتظاميه به ساڳي مقصد لاءِ موجود آهي پر جانچ ڪبي ته سڄي سنڌ لاوارث بڻيل آهي، عام جنرل اسٽورن ۽ دڪانن تي کاڌي پيتي واريون غيرمعياري شيون وڪرو ٿين ٿيون. هوٽلن تي به ڏينهن جو پراڻو بدبودار کاڌو فراهم ڪيو وڃي ٿو جنهن لاءِ ڪير ڪڇي.

اهو ڏينهن خالي ناهي جو سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ ملاوت شده ۽ ڪيميڪل واري کير جون رڙيون ٻڌڻ ۾ نه اينديون هجن۔ اهي رڙيون اڄ ڪلهه جون ناهن پر سالن کان ٻڌندا پيا اچون. چوڻ وارا چون ٿا ته جڏهن کان فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي جو وجود آيو آهي تڏهن کان ملڪ ۾ ڪيميڪل کير جو ڪاروبار وڌيو آهي.

ڪيميڪل کير وڪرو ڪرڻ قانوني ۽ اخلاقي ڏوهه آهي ملڪ ۾ هر ڏينهن پنهنجي پسند وارا قانون ٺهن ٿا آئين ۾ ترميمون ٿين ٿيون پر ڪيميڪل کير وڪرو ڪرڻ خلاف ڪو به قانون ڪونهي جيڪو پهرين فرصت ۾ ٺهڻ گهرجي پر ڇو ٺهي جو اهڙي ڪڌي ڪاروبار ۾ پارليمينٽ ۾ ويٺل اسان جا نمائندا به برابر جا شريڪ آهي.

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته خدارا غيرمعياري شين جي ڪاروبار خلاف سخت قدم کنيا وڃن ڪا موثر قانون سازي ٿيڻ گهرجي. هن ڏس ۾ اٿارٽي جي نئين سر جوڙ جڪ ٿيڻ گهرجي جنهن ۾ انتظاميه جو اي ڊي سي ون زراعت ۽ لائيواسٽاڪ کاتن جا آفيسر ضلع ڪائونسل جو وائس چيئرمن شامل هجڻ گهرجي ۽ ملاوٽ وارا ڪيس جج ٻڌن يا وري الڳ فوڊ ڪنٽرول ڪورٽ قائم ٿيڻ گهرجي. جيڪو به ڪيميڪل مليل کير يا کاڌ خوراڪ جي ملاوٽ شده شئي يا باسي شئي وڪرو ڪري مٿس ڏنڊ ۽ کيس جيل ۾ وڌو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.