آزاد ھوا…؟

تحرير: شازيه مظهر

ٻيو ۽ آخري حصو

علي سڄو رستو مختلف سوال پڇندو رھيو جنھن ته صنوبر اھو چئي چپ ڪرائي ڇڏيس ته ھن وقت آئون اسٽريس ۾ آھيان جواب نٿي ڏئي سگھان.

گھر پھچي ھن پرويز کي فون ڪري خيريت پڇا ڪئي ۽ گھر جلدي اچڻ جي تاڪيد به ڪيس.

مما، ھي ٽيڪس ڇا ھوندو آھي ۽ اسان ڪنھن جو قرض کنيو آهي. اڄ ھڪ ٽيچر ٻي ٽيچر کي چئي پئي ته حڪومت جو قرض اسان ٽيڪس ڏئي لاھيون پيا، آءِ ايم ايف کان ورتل قرض جي سزا اسان کي پئي ملي.

ھا علي، تنھنجي ٽيچر سچ ٿي چئي حڪمرانن جي نااهلي جي سزا واقعي اسان ڀوڳيون پيا. جيڪڏھن ھي حڪمران پنھنجا مزا ۽ عيش عشرت گھٽ ڪري ڇڏين ته به ملڪ جي اڪانامي ته الاھي فرق پئجي ويندو. پر پٽ تون اڃا ننڍڙو آھين تون انھن ڳالهين ڏانهن ڌيان نه ڏي. ھي سور اسان کي ئي برداشت ڪرڻ ڏي تون پڙھائي جي طرف توجهه ڏي.

مما، ھڪڙي ڳالهه ته ٻڌايو فوج جو ڪم سرحدن جي حفاظت ھوندو آھي ؟

ھا علي بلڪل فوج سرحدن جي ۽ ملڪ جي حفاظت لاءِ ھوندي آھي.

پوءِ مما ڪلهه منھنجو ھڪ دوست ٻڌائي پيو ته ھن جو بابا پنھنجي دوست کي چئي پيو ته جيستائين فوج سچي نه ٿيندي ملڪ ڪڏھن به ترقي نه ڪندو فوج جي عياشي ملڪ جي خساري ۾ وڏو ڪردار ادا ڪري رھي آھي.

علي جي عمر لڳ ڀڳ ۹ سال آھي پر انهن جا سوال ڪنھن وڏي عمر جي ماڻھو جھڙا ھيا. صنوبر علي جي ھر سوال جو جواب نه ڏيندي ھئي ڇو ته ھن جي عمر ھن سوالن جي جوابن جي سگهه نٿي رکي.

شام جو پرويز آفيس مان موٽي آيو. ھٿ ۾ اخبار ھيس جنھن ۾ وڏي سرخي سڀاڻي جي ھرتال جي ھئي.

بابا سڀاڻي به اسان جي موڪل ھوندي ؟

ھا پٽ اخبار ۾ آيو آھي ته سڀاڻي ھڙتال آھي ان ڪري توکي اسڪول ڪونه موڪلينداسين اڄ به توهان ۽ توهان جي مما ڪيترو پريشان ٿيا آھيو.

ھا پر بابا ائين اسان جي پڙھائي ڪئين ٿيندي. ؟

بس پٽ  اسان ھن آزاد سلطنت جا قيدي آهيون ڇا ڪيون برداشت ته ڪرڻو آهي.

ھڙتال ختم ٿيڻ کان  پوءِ زندگي معمول مطابق ھلڻ لڳي. علي اسڪول به وڃڻ لڳو.

ھڪ شام علي خواھش ظاھر ڪئي ته ڊالمن مال ھلوَ. علي پنھنجي پي ءُ مما سان گڏ ڊالمن مال لاءِ نڪتو جئين گاڏي ٽي تلوار تي پھتي ته ھڪ ھجوم نظر آيو جنھن جو مطالبو ھو ته نصرالله گڏاڻي جي قاتلن کي پڪڙي سزا ڏيو.

مما، ھي نصرالله ڪير ھيو؟

پٽ پنهنجي پيءُ کان پڇ ،

بابا ٻڌايو نه ته ھي ماڻھو  ڇا چئي رھيا آھن ڪير آھن قاتل. ؟

پٽ نصرالله صحافي هو، سنڌ ۾ ٿيندڙ نه انصافين تي ڳالهائيندو ھيو، ھو سرداري نظام جي خلاف ھو ھن ھڪ نعرو ھنيو ته ”سردار مائي فٽ“.ان ڪري ھن کي ماريو ويو.

پرويز توهان ٻار کي اھڙيون ڳالهيون نه ٻڌايو ھي اڃان ننڍڙو آھي

نه مما، آئون ھاڻي وڏو ٿي ويو آھيان مونکي به خبر ھجي ته منھنجي ملڪ ۾ ڇا ٿي رھيو آھي.

ھا صنوبر، علي ايندڙ نسل جو نمائندو آهي ھن کي پنھنجي ملڪ جي سياسي ،سماجي، اقتصادي ۽ معاشي صورتحال جي خبر ھجي. ھي اڳتي ھلي ھن ملڪ جا اصل وارث ٿي ملڪ جي صحيح معنيٰ  ۾ سار سنڀال ڪندا. اسان جي حڪمرانن ھن ملڪ کي پنھنجو ناھي ڪيو ان ڪري اھي ھن ملڪ جا وارث نه ٿي سگھيا.

بابا ھي سردار ڪير آھن؟

علي ٻيھر پڇڻ لڳو.

علي، سردار سنڌ جي زمينن تي قابض ٿي غريب مسڪين ماڻهن کان زندگي گذارڻ جو  به حق کسي ڇڏيو آهي، انھن سردارن مسڪين ھارين جي ٻارن کي تعليم جھڙي نعمت کان به محروم ڪري ڇڏيو آھي.

بابا پر ھو ائين ڇو پيا ڪن. تعليم ته تمام گھڻي ضروري آهي تعليم سان ئي ته اسان ترقي ڪري سگھون ٿا.

بلڪل پٽ تعليم ئي اسان ۾ شعور پيدا ڪري ٿي ۽ ھي سرداري نظام ھن شعور جي خلاف ئي ته آھن.

پر ڇو بابا ؟

شعور سجاڳي پيدا ڪندو آهي ۽ سجاڳي غلامي جي زنجيرن کي توري ڇڏيندي آهي. ھي سردار، غريب ماڻھن کي غلامي جي زنجيرن مان ڪڊڻ نٿا چاھين. اهي چاھين ٿا ته سڄي زندگي انھن جي غلامي ڪن جڏھن سندن ٻار ٻاھر ملڪن ۾ تعليم حاصل ڪري رھيا آھن  پر جيڪو انھن جي خلاف ڳالهائيندو آهي تن کي سزا ملندي آهي.

اڇا بابا ھاڻي آئون سمجھي ويس ته نصرالله انڪل ڇو ماريو ويو.

بابا آئون وڏو ٿي ھن سسٽم جي خلاف ڪم ڪندس. بابا آئون تعليم حاصل ڪري پوءِ ضرور فائٽ ڪندم.

ھا پٽ ھاڻي توھان ۾ ئي اسان کي اميد آهي.

رات جي ماني کائيندي دروازي جي بيل ڊور وڄي. پرويز جي آفس جو ھڪ ماڻھو اندر داخل ٿيو.

نثار تون ھن وقت، خير ته آهي.!؟

سر مونکي باس موڪليو آھي ڳالهه تمام confidential آھي ان ڪري اڪيلي ۾ڪرڻي آهي.

ھا اچ ڊرائنگ روم ۾ ھلون ٿا ۽ ھتي منهنجي فيملي جي ٻيو ڪير ڪونھي.

سر ڪجهه فائل اوھان وٽ آيل آھن انھن تي سائن ڪري جلدي موڪلي ڏيو.

ڪھڙا فائل نثار ؟

سر ڪيپيٽل سٽي جي پويان ھڪ زمين آھي جيڪا فيڊرل منسٽر پنهنجي نالي ڪئي آهي ان تي ڪجهه ماڻھن ڪيس ڪيو آهي ته ھيءَ زمين سندن آھي.

سر اوھان کي ڪجهھ به ناھي ڪرڻو بس approval لاءِ اڳتي وڌائڻي آھي ۽ ھي لفافو اوھان لاءِ.

ڪھڙو لفافو؟

سر سمجھو نه .

ڇا سمجھان ؟

پرويز لفافو کولي ڏسي ٿو ته ان ۾ ڪڙڪ نوٽ ھيا.

نثار تون منهنجي گھر مان نڪري وڃ ۽ مونکي پنهنجي شڪل به نه ڏيکار.

پرويز ڪاوڙ مان تيز ڳالهائي رھيو ھو جنھن تي علي پريشان ٿي ڊرائنگ روم ۾ داخل ٿيو .

بابا ڇا ٿيو اوھان ٺيڪ ته آھيو نه.

ھا علي، آئون بلڪل ٺيڪ آهيان پر ….

سر سوچي وٺو باس چئي پيو ته جيڪڏھن انڪاري ٿيو ته شايد اوھان جي نوڪري ……

ھا منھنجي نوڪري تنھنجو باس مونکان کسي وٺندو. نه کپي مونکي اھڙي نوڪري جنھن لاءِ آئون غريبن ۽ مسڪينن جو حق ڪنھن ٻئي جي حوالي ڪيان، منھنجو ضمير ان جي اجازت نه ٿو ڏي. ھليو وڃ ھتان.

اوڪي سر have a good luck

بابا پليز اوھان relax ٿيوَ علي پنھنجي پيءُ کي آٿت ڏيڻ لڳو.

صبح ناشتي تي علي پنھنجي مما کي چوڻ لڳو:

مما، مون کي ھن ملڪ جون ھوائون زنجيرن ۾ ٻڌل نظر اچن پيون پوءِ اوھان ۽ ٽيچر ڪئين ٿا چئو ته اسان آزاد ھوا ۾ ساهه پيا کڻون، مما ھتي ته ڪير به آزاد ڪونھي نه ملڪ ۽ نه وري ملڪ جي ھوا.هتي ته هر وقت گهُٽ ۽ ٻوسٽ  آهي، ڪٿي هوا آزاد آهي. مما ھتي ته انگريزن کان به وڌيڪ پراوا ماڻھو حڪمراني ڪن پيا جن ھن ملڪ کي ۽ ملڪ جي ماڻھن کي پنھنجو ناھي ڪيو.

مما، سڀاڻي آئون ٽيچر کي ضرور ٻڌائيندس ته اسان جي ھوا آزاد ناھي.

مما I promise آئون ھڪ ڏينھن ھن ملڪ جي ھوا کي ضرور آزاد ڪرائيندم.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.