لياري کي لاڳيتو نظرانداز ڪرڻ وارو الميو ۽ حالتن جي تقاضا

عوامي آواز اخبار جي ڪالم نگار شازيه مظهر فيس بڪ تي ڪراچي جي قديم ترين علائقي لياريءَ جي بي رحماڻي نظراندازيءَ جي نشاندهي ڪندي دانهون ڪوڪون ڪندي آواز اٿاريندي رهندي آهي ۽ پنهنجي شهر واسين تي حيرت کائيندي رهي آهي ته اهي سڀ لياري جي ايڏن وڏن مسئلن کي ڀوڳڻ باوجود ڇو چپ آهن. مجال آهي جو ڪو احتجاج ڪن ۽ آواز اٿاري حڪومت کان پنهنجا مسئلا حل ڪرائين. هن پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو آهي ته رات کان يعني 14 آگسٽ واري رات کان منجهند هڪ وڳي تائين لياري ۾ لائيٽ ناهي پر لياري واسين لاءِ ڄڻ ڪو مسئلو ئي ناهي، ڪا ڳالهه ئي ناهي، نوجوان سڄي رات گهٽين ۽ بازارن ۾ جاڳي گذاريندا، موبائلين تي فلمون ڏسي وقت گذارينداپر پنهنجن حقن لاءِ آواز نه اٿاريندا.

اها واقعي به حقيقت آهي. گذريل ڏهن سالن ۾ ڏسجي ته لياري خاموش نظر ايندي. اها لياري جيڪا ماضيءَ ۾ هڪ مزاحمتي تاريخ رکي ٿي. سا لياري اڄ ڇو خاموشيءَ جي چادر اوڙهي سمهي پئي آهي تنهن جو ڪارڻ ته لياري واسي ئي ٻڌائي سگهن ٿا، اتان جا سياسي سماجي اڳواڻ، صحافي، دانشور ۽ ليکڪ ئي ٻڌائي سگهن ٿا ته لياري مان ٻرندڙ مزاحمتي ڏيئو آخر ڇو اجهامي ويو آهي جو اتان جو عوام پنهنجن عام مسئلن جي به نشاندهي ڪرڻ ۽ ان متعلق آواز اٿارڻ جي ضرورت ئي محسوس نه ٿو ڪري. ڪٿي ائين ته ناهي ته لياري جي گينگ گروپن ۽ مافيائن جي ويڙهه. لياري جي عوام کي خاص ڪري نئن دور جي نسل کي هيسائي ۽ دٻائي ڇڏيو آهي. لياري جو ميڊيا تي ذڪر آخري ڀيرو 2008 واري پ پ جي حڪومت ۾ گهڻو هو جڏهن لياري، گينگ گروپن جي جهيڙن جو شڪار هئي. پوءِ اڳتي هلي جڏهن فيصلائتو آپريشن ڪري گينگ وار کي ختم ڪيو ويو ته ان سان لياري به ڄڻ خاموش ٿي وئي.

ميڊيا تي لياري جو ڪنهن به حوالي سان ذڪر اچڻ بند ٿي ويو آهي. باوجود ان جي ته لياري مڪمل طور تي مسئلن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي. لياري ۾ نه پاڻي نه بجلي نه گيس نه سيوريج جو بهتر نظام نه صاف سٿرا روڊ، ڪنهن به قسم جي صفائي. هي اهي مسئلا آهن جن تي عام طور تي سڄي ڪراچي ۾ احتجاج ٿيندا آهن، ڌرڻا ڏبا آهن پر اڄ جي ڪراچي جو لياري ئي اهڙو عجيب علائقو آهي جتي ٻين سڀني علائقن کان وڌيڪ مسئلا هئڻ باوجود ڪو احتجاج نه ٿو ٿئي. يا ائين چئجي ته لياري واسي احتجاج ڪري ڪري ٿڪجي پيا آهن.

لياري جي مشهوري جو سياسي طور وڏو حوالو اهو به رهيو آهي ته اهو ڪراچي ۾ پ پ جو هميشه کان وڏو ڳڙهه رهيو آهي. هر دور ۾ پ پ کي هتان سڀ کان گهڻا ووٽ ملندا رهيا آهن، ۽ وڏي ڳالهه ته غير مشروط طور تي پ پ کي هتان ووٽ ملندا رهيا آهن شايد اهو ئي سبب آهي جو  پ پ کي پڪ آهي ته لياري ۾ ڪک ٻيڻو به نه ڪبو تڏهن به اسان کي ووٽ ملندا رهندا تنهن ڪري پ پ جي حڪومت لياري جا مسئلا حل ڪرڻ ۽ لياري واسين کي سهولتون ڏيڻ ڏانهن ڪڏهن به سنجيده نظر ناهي آئي.

پر هاڻي لياري واسين کي پ پ سان باقاعدي ڳالهائڻو پوندو ۽ مٿن واضح ڪرڻُ پوندو ته هاڻي  اسان جو ووٽ غير مشروط نه هوندو پر حساب ڪتاب سان ڏنو ويندو، اسان جا جيئڻ جا بنيادي مسئلا حل ڪندئو ته پوءِ اسان اوهان کي ووٽ ڏينداسين. هاڻي مفت ۾ ووٽ نه ڏينداسين.

ٻئي پاسي ڏسجي ته پ پ حڪومت به حد ڪري ڏيکاري آهي. پنهنجن ووٽرن کي جنهن بيدردي سان پ پ حڪومت نظرانداز ڪيو آهي شايد ئي ڪنهن ٻي حڪمران جماعت ايئن پنهجن ووٽرن کي نظر انداز ڪيو  هجي. حقيقت ۾ ته پ پ کي پنهنجن ووٽ بينڪ وارن علائقن ۾ اهڙو مثالي ڪم ڏيکارڻ گهرجي جو ڪراچي جي ٻين علائقن وارا به اهو محسوس ڪن ته  پ پ کي ووٽ ڏينداسين ته اها ئي جماعت آهي جيڪا اسان جي علائقن کي ترقي ڏياري سگهي ٿي پر افسوس ته پ پ حڪومت ان جي ابتڙ پنهنجي سڃاڻپ ٺاهي آهي. ته  پ پ وپنهنجن ووٽر علائقن کي بيدردي سان نظر انداز ڪندي آهي جنهن جو مثال لياري آهي، ملير ضلعو آهي ۽ ڪراچي جي پسگردائي جا سنڌي ڳوٺ آهن. جن کي ڏسي ڪري ڪنهن جي دل نه چوندي ته جيڪر پ پ کي ووٽ ڏجي پر سنڌي عوام وري به پ پ جي حڪمرانن کي پنهنجو سنڌي سمجهي ان اميد سان ووٽ ڏيندو آهي ته شايد هن ڀيري کين پهنجن جو احساس ٿئي.

سو پ پ کي هاڻي آخري موقعو سمجهي ڪري پنهنجن ووٽرن جي مالڪي ڪرڻ پوندي ٻي صورت ۾ اهو ممڪن آهي ته پ پ سنڌ ۾ به ووٽن کان محروم ٿي وڃي. اسان کي ۽ لياري واسين کي اهڙو احساس هاڻي پ پ کي ڏيارڻُ پوندو ۽ هڪ هڪ ڪري لياري جا پاڻي، بجلي، گيس ۽ سيوريج جا مسئلا حل ڪرائڻا پوندا. اها ئي موجوده  وقت ۽ لياري جي موجوده حالتن جي تقاضا آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.