سرڪاري نمبر پليٽ لڳل گاڏي مان 370 ڪلو سوپاري هٿ، 2 جوابدار گرفتار

ڪراچي (رپورٽ: حفيظ ڦلپوٽو) ڪراچي ۾ نيشنل هاءِ وي ويجهو سرڪاري نمبر پليٽ لڳل ڪار مان 370 ڪلو سوپاري هٿ ڪري ٻن  جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو. شاهه لطيف ٽائون ويجهو پوليس سرڪاري نمبر پليٽ لڳل ڪار مان سوپاري هٿ ڪري جوابدار محمد ابراهيم ۽ حسام کي گرفتار ڪيو. پوليس موجب جوابدار محمد ابراهيم پوليس اهلڪار آهي، هو سوپاري سپلاءِ ڪرڻ گهارو وڃي رهيا هئا، سندس 2 ساٿي پوليس اهلڪار فرار ٿي ويا. پوليس گرفتار جوابدارن ۽ ساٿين خالف شاهه لطيف ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري ورتو. شاهه لطيف پوليس موبائيل آفيسر سب انسپيڪٽر الله ڏنو موجب ڪارروائي دوران جوابدار پوليس ڪانسٽيبل محمد ابراهيم رشوت جي آڇ ڪئي جيڪا رد ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.