اسلام آباد(م ڊ) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڙيسرين سان جنگ جو اندازو نه ٿو لڳائي سگهجي.اسلام آباد ۾ اقليتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي صدر چيو ته هي ڏينهن ملهائڻ جو مقصد پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ پاڪستان ۾ رهندڙ مختلف مذهبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ آهي. هن چيو ته منهنجو نسل ان ڳالهه جو آئيني شاهد آهي ته اوڀر پاڪستان سانحي کانپوءِ ڇا ٿيو.ان وقت کان وٺي اسان کي ورهايو ويو آهي ۽ ڪمزور ڪيو ويو آهي ۽ هڪ پاڙيسري ملڪ سان جنگ ۾ اڇلايو ويو آهي، قصور ڪنهن جو نه هو پر اسان جو پنهنجو هو. اسان پاڙيسري جي جنگ ۾ ڦاٿل نتيجن جي اڳڪٿي نه ڪري سگهياسين ۽ ان جي نتيجن بابت نه سوچيوسين. اسان اهو نه سوچيو ته جن ماڻهن کي اسان دوست بڻايو ان جا نتيجا اسان جي نسل تي ڇا نڪرندا. ماضي ۾ ٻئي ڪنهن جي جنگ جو حصو بڻجڻ سبب رياست کي نقصان پهتو. قائداعظم ڪجهه سياسي نقطن جي ڪري پاڪستان ٺاهيو. هن چيو ته مودي جي ڀارت ۾ اقليت محفوظ ناهي ۽ اها ڳالهه قائداعظم کي ان وقت محسوس ٿي هئي ته هڪ ڏينهن ائين ٿيندو ۽ اهو ئي سبب آهي جو اسان جي بزرگن پاڪستان ٺاهيو، اسان پاڪستان ٺهراءُ پاس ڪيو، منهنجو والد مسلم ليگ جو حصو هو، جيڪو اسان ڪيو اهو صحيح هو پر هڪ عالمي طاقت هڪ عالمي طاقت آهي. آصف زرداري چيو ته سنڌي ماڻهو دنيا جو درد دل ۾ رکي اڄ به اوهان کي سهولتون ڏيڻ چاهين ٿا.