رڳو آزادي جا ڏينهن نه ملهايو، مُلڪ جو به خيال ڪريو

تحرير: شهر بانو

اسان جي ملڪ جي آزادي جو ڏينهن ته هر سال وڏي ڌام ڌوم جوش، جذبي ۽ ولولي سان ملهايو ويندو آهي؟ پر ڇا ان جو اوترو  خيال ۽ قدر به ڪيو ويو ويندو آهي؟ منهنجي خيال ۾ سڀ ان ڳالهه سان متفق ٿيندا ته ملڪ جو ڪير به خيال نه ٿو ڪري. نه حڪمران ۽ نه ئي عوام.

هن ملڪ جا ڪيترائي الميا آهن. هن ملڪ سان سڀ کان وڏي ۽ تاريخي طور تي جُٺ اها ٿي آهي ته هيءُ ملڪ جيڪو 1940 واري ٺهراءَ جي مقصد سان ٺهيو هو تنهن ٺهراءُ  جو عملي طور ڪو نانءُ نشان ئي نه ٿو ملي. اسان 23 مارچ 1940 واري ڏينهن کي ته قومي ڏينهن ڪري ملهائيندا آهيون پر ان ٺهراءُ کي تي ٽڪي جو عمل ناهيون ڪندا. ٿيڻ ته ائين گهرجي ها ته 1940 واري ٺهراءُ کي هن ملڪ جي آئين جي حيثيت ملي ها پر ان کي ملڪ جو آئين نه بڻايو ويو. هن ملڪ کي جيڪڏهن 1940 واري ٺهراءُ تي هلائجي ها ته يقين ڄاڻو ته ملڪ اندر عليحدگين واريون تحريڪون به نه هلن ها، نه ئي بنگال الڳ ٿئي ها ڇاڪاڻ ته 1940 واري ٺهراءُ ۾ صوبن کي قومي خودمختياري مليل هئي. جڏهن ملڪ کي 1940 واري ٺهراءُ تحت نه هلايو ويو ته پوءِ سائين جي ايم  سيد به ان ملڪي سيٽ اپ مان مايوس ٿي ويو هو ۽ ائين ئي پوءِ ننڍن صوبن جا اعتراض وڌڻ لڳا پر جيڪڏهن 1940 جي ٺهراءُ تحت ملڪ کي هلايو وڃي ها ته ڪنهن کي به ڪا شڪايت نه ٿئي ها.

وري اڳتي هلي جڏهن ذوالفقار علي ڀٽي ملڪ کي 1973 جو آئين ڏنو ته ان تي به مڪمل طور تي عمل نه پيو  ٿئي.ان 1973 واري آئين تي عمل نه ٿيڻ ڪري ئي ملڪ جا بحران ختم ٿيڻ جو نانءُ نٿا وٺن جڏهن ته ملڪ کي هلائڻ جو قانوني ۽ جمهوري رستو ان آئين ۾ ڏنل آهي. ان آئين تي عمل نه ٿيڻ ڪري هن وقت ملڪ جي ٽن وڏن ادارن اسٽيبلشمينٽ، عدليه ۽ پارليامينٽ جي وچ ۾ ڇڪتاڻ هلي رهي آهي باوجود ان جي ته آئيني طور ٽنهي ادارن جون حدون طئي ٿيل آهن پر هر ادارو آئيني حدون اورانگهي ملڪ کي ڪمزور ڪري رهيو آهي. هيءُ ملڪ پنهنجي جوهر ۾ سراپا سون آهي. ڇا ڪجهه ناهي هتي. معدنيات، زراعت، لائيو اسٽاڪ. فشريز، سياحت، سمنڊ، درياهه، ٻيلا، ريگستان، چار مختلف موسمون سڀ ڪجهه آهي پر اسان جي حڪمرانن جي پاليسين هن ملڪ کي پنڻ تي مجبور ڪيو آهي جڏهن ته ملڪ جي وسيلن کي درست نموني استعمال ڪجي ته هي خطو دبئي کان گهٽ ناهي. ٻيو ته ڇڏيو حالت اها آهي ته جيڪي ملڪ جا ادارا آهن سي به حڪومت پاڻ هلائڻ کان لاچار آهي ڄڻ حڪومت تي بار آهن ۽ اهي هڪ هڪ ڪري خانگائڻ جي چڪر ۾ آهي. پنهنجا ادارا ته ملڪن جي طاقت هوندا آهن اهي وڪڻبا ناهن اهي ته ملڪ جا اثاثا آهن اهي وڪڻبا ناهن انهن کي وڪرو ڪبو ته ملڪ وٽ ڇا بچندو. اهي ته ٿيا حڪمرانن جي بي قدري جا ڪجهه مختصر مثال

وري جيڪڏهن عوام جو ملڪ ڏانهن رويو ڏسجي ته اهو به افسوس جوڳو آهي . عوام ٻه نمبر ڪم ڪري چوندو ته پاڪستان ۾ ائين ئي ٿيندو آهي يعني خراب ڪم پاڻ ڪن بدنام وري ملڪ کي ڪندا. چوندا آهن ته پاڪستان ۾ ڪير قانون تي ٿو هلي جو اسان هلون. ملڪ جي زمين کي پاڪ ۽ مقدس سمجهڻ بدران هر ممڪن طريقي سان گند ڪچرو اڇلي ان جو منهن خراب ڪندا. اسان گهرن کي ته پنهنجو سمجهي صاف ڪندا آهيون پر ملڪ کي پنهنجو گهر سمجهي صاف ناهيون ڪندا  يعني ملڪ جي ڪنهن به قسم جي خدمت نه ڪنداسين. وڻ به نه پوکينداسين جنهن سان ملڪ سهڻو چچ سائو نظر اچي ۽ ملڪ جي زمين توڙي فضا صحتمند ٿي سگهن. سمنڊ تي ويندا ته ان کي به گدلو ڪري ايندا، ڪنهن پارڪ وغيره ويندا ته اتي به گند ڪري واپس ايندا. ادارن ۾ ايمانداري سان ڪم  نه  ڪبو، حڪومت کان وٺي عام ماڻهن تائين ڪرپشن  پاڪستان جي سڃاڻپ بڻجي چڪو آهي.

جڏهن ته ان ۾ ملڪ جو نه پر ان ملڪ ۾ رهندڙ عوام ۽ حڪومت جو ڏوهه آهي. مطلب ته ملڪ جي خدمت به نه ڪجي، ان جو قدر به نه ڪبو، ان جو خيال به نه ڪبو بس هڪ فيشن طور رڳو ان جي آزادي جو جشن ملهايو ويندو. رونشي بازي ۾ اڳتي اڳتي هونداسين باقي عملي ڪم ۽ خدمت يا ملڪ جو حقيقي معنيٰ  ۾ خيال. بلڪل به نه ڪنداسين. سو آزادي جو جشن ڀلي ملهايو پر ان ڏينهن ملڪ جي خدمت ۽ ان جي بقا توڙي ترقي لاءِ به سوچڻ گهرجي ۽ عملي طور اهو ڪري ڏيکارجي، سکڻا نعرا نه هڻڻ گهرجن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.