بنگلاديش ۾ اقليتن تي حملن سبب سرحدن تي ڇڪتاڻ

هزارين بنگلاديشي سرحد پار ڪري ھندوستان ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، جنهن سبب سرحدي علائقن ۾ سخت ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي آهي. صورتحال تي ضابطو آڻڻ لاءِ ھندوستان ۽ بنگلاديش جي سرحدي فورسز جو گڏيل اجلاس پڻ ٿيو.

بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينا جي استعيفيٰ ۽ سندس ھندوستان فرار ٿيڻ کانپوءِ  بنگلاديش جي مختلف علائقن ۾ هندو اقليتي برادري تي حملا ٿي رهيا آهن، جنھن ڪري خوف ۾ ورتل ھندو اقليت گڏيل سرحد پار ھندوستان ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن .

هندستاني اختيارين جو چوڻ آهي ته غيرقانوني طور سرحد پار ڪري ايندڙن کي روڪڻ جي لاءِ هنن بارڊر فورس بي ايس ايف اهلڪارن جي هڪ وڏي تعداد کي مقرر ڪري  کين ريڊ الرٽ ڪري ڇڏيو آهي.ھندوستان جي فورس موجب ڪجهه ڏينهن دوران ڪيترن ئي بنگلاديشين کي تحويل ۾ ورتو ويو، جيڪي پاڙيسري ملڪ مان فرار ٿي ھندوستان ۾ گھڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. هندستاني اهلڪارن موجب يارهن بنگلاديشي شهرين کي سرحد تي پڪڙيو ويو آهي.. انهن کان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.

عالمي ميڊيا موجب  هن وقت ھندوستان ۽ بنگلاديش جي گڏيل سرحد تي آهي،تي هزارين بنگلاديشي هندستان ۾ داخل ٿيڻ لاءِ گڏ ٿي رهيا آهن، جنهن سبب اتي هڪ بحراني صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. هر طرف اهلڪارن جو سخت پھرو  ڏين پيا. اولهه بنگال جي سرحدي ضلعي ڪوچ بهار ۾، هڪ هزار کان وڌيڪ ماڻهو هندستان ۾ داخل ٿيڻ جي انتظار ۾ آهن. هن جاءِ تي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ھڪ درياهه آهي ۽ ان جي ڪناري تي ڪافي ماڻھون بيٺا آھن.پربارڊر سيڪيورٽي فورس جي  وڏي تعداد انھن کي روڪي رکيو ڇڏيو آھي.

ٻنھي ملڪن جي گڏيل سرحد  هزارين ڪلوميٽر ڊگهي آھي،جنھن جي نگراني لاءِ اضافي فورس به مقرر ڪئي وئي آهي، ان صورتحال ڪري سرحد تي ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي آهي.

ان وچ ۾ هڪ آفيسر جي هڪ وڊيو پڻ وائرل ٿي آهي، جنهن ۾ هو  وڏي ميڙ کي  داخل نه ٿيڻ جو مشورو ڏئي رهيو آهي.وڊيو ۾ ھن جو چوڻ  آهي ته توهان  جنھن مسئلي منھن ڏيو پيا، هرڪو ان  کي سمجهي ٿو.پر  هن طرح اھو حل نه ٿو ڪري سگهجي. ھن اھو بھ چيو تھ اسان توهان کي (ھندوستان ۾) اندر نه ٿا وٺي سگهون. مان توهان کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته اسان جي آفيسرن توهان جي ملڪ جي اعليٰ آفيسرن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي ۽ اهي مسئلو حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. توهان کي گذارش آهي ته اڄ واپس ھليا وڃو.

بنگلاديش ۾پئدا ٿيل صورتحال بعد وڳوڙين ڪيترن ئي يادگارن کي به نقصان پهچايو آهي، جن ۾ ڪجهه 1971 ۾ بنگلاديش جي آزاديءَ سان لاڳاپيل آهن.عبوري حڪومت جو چوڻ آهي ته ڳالهين ۾ موجوده بحران کي حل ڪرڻ ۽ مقامي هندو برادري جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ تي ڌيان ڏنو ويندو. رپورٽن مطابق 5 آگسٽ تي شيخ حسينا جي حڪومت جو تختو اونڌو ٿيڻ کان وٺي بنگلاديش جي مذهبي اقليتي برادرين جي رهواسين تي ڪل 52 ضلعن ۾ حملا ڪيا ويا.ياد رھي تھ وڳوڙين بنگلاديش جي باباءِ قوم شيخ مجيب الرحمان ۽ بنگال جي عظيم شاعر رابندرناٿ ٽئگور جي مجسمن کي بھ ٽوڙي ڇڏيو آھي.ملڪ ۾ اڃا تائين صورتحال بھتر نھ ٿي آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.