گهوٽڪي (رپورٽ: محمد يوسف منگي) اينگرو پاور پلانٽ گهوٽڪي جي ملازمن پاران 33 ڏينهن به احتجاج جو سلسلو جاري رکندي احتجاجي ڪئمپ کان اينگرو پاور پلانٽ طرف ريلي جي صورت ۾ سنڌ ترقي پسند جو وائس چيئرمين ڄام فتح سميجهو، وطن دوست مزدور فيڊريشن جو مرڪزي اڳواڻ عبدالحق کٽياڻ، غلام سرور عباسي ۽ ٻين جي اڳواڻن اڳتي وڌيا ته گيٽ تي مقرر سيڪيورٽي گارڊن مزدورن کي روڪيندي سرن لٺين جو وسڪارو ڪري ڏنو. اٺ پورهيت محمد ابراهيم ٻرڙو، معروف سميجو، علي نواز عارباڻي، محمد سليم مهر، محمد يونس سميجو، گل حسن ٽانوري، محمد حليم مهر، منور سومرو زخمي ٿي پيا. پورهيت خيما هڻي ويهي رهيا. ايس ايڇ او سرحد احتجاج دوران زخمين جا تفصيل ورتا ۽ کين خاطري ڪرائي اوهان سان پوليس انصاف ڪندي. اسٽنٽ ڪمشنر امر شاڪر احتجاجي ڪيمپ تي پهتو. انتظاميا سان ڳالهين بعد ڪوبه نتيجو نه نڪتو. مزدورن احتجاج جاري رکندي چيو ته ليبر ڊپارٽمينٽ ۽ ليبر ڪورٽ به مزدورن جي حق ۾ اينگرو پاور پلانٽ انتظاميه کي حڪم نامو جاري ڪيو پر عمل نه ٿيو. هوڏانهن اينگرو پاور پلانٽ جي ٺيڪيدار حسنين اختر ڪمپني جي اونر اختر سنگهڙ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ڪيترا ملازم ڪانٽريڪٽ تي مقرر ٿيل آهن ٽن ملازمن آفيسرن سان بداخلاقي ڪئي هنن کي شوڪاز ڏنو جن مان ٻن ملازمن لکت ۾ معافي نامو ڏنو هڪ ملازم جو مسئلو آهي جنهن تان مزدور يونين جا اڳواڻ بليڪ ميل ڪري رهيا آهن اسان ڪنهن مٿان تشدد ناهي ڪيو مزدورن پاڻ سيڪيورٽي عملي مٿان حملو ڪيو جنهن جا ثبوت موجود آهن جيڪڏهن ڪورٽ جي حڪم تي انتظاميه هنن کي پڪو ڪري ٿي اسان کي ڪوبه اعتراض ناهي. ٻئي پاسي اينگرو انتظاميه پورهيتن کي نوڪرين تي بحال ڪرڻ جو اعلان ڪيو جڏهن ته پورهيتن جي ٻين مسئلن بابت اي سي گهوٽڪي، ليبر کاتي جي آفيسر ۽ پورهيت يونين جي اڳواڻن وچ ۾ اي سي آفيس ۾ ڳالهيون ٿينديون.