ڪراچي (رپورٽر) عوامي آواز ميرپورماٿيلي جي شهيد رپورٽر نصرالله گڏاڻي جو قتل ڪيس ڪراچي ۾ هلائڻ بابت درخواست تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ايس ايس پي گهوٽڪي کي هفتي ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ ۽ شهيد صحافي جي گهروارن کي تحفظ ڏيڻ جو حڪم ڏيندي چالان پيش نه ڪرڻ تي پوليس کان وضاحت طلب ڪئي آهي. جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو تي ٻڌل 2 رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي تي شهيد نصرالله گڏاڻي جي امڙ مسمات پٺاڻي عدالت کي ٻڌايو ته ماتحت عدالت ۾ خالد لنڊ، شهباز لنڊ وارا اچڻ نٿا ڏين، رستا روڪيا پيا وڃن، سوين هٿياربند بيهاري ڌمڪايو پيو وڃي، اسان کي خطرو آهي، ان لاءِ تحفظ ڏنو وڃي. عدالت ٻاهران مسمات پٺاڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جيڪڏهن کيس رليف نه مليو ته ٻن ڏينهن ۾ هو وڏو اعلان ڪندي. درخواست گذار جي وڪيل صلاح الدين پنهور چيو ته نصرالله گڏاڻي کي رڳو ان ڪري قتل ڪيو ويو جو هن بااثر وڏيري جي پٽ جي پروٽڪول کي ميڊيا آڏو ڏيکاريو ۽ ڪرپشن کي ظاهر ڪيو، 4 مهينا ٿي ويا آهن پر پوليس جي ڪا پراگريس ناهي. هن چيو ته مقامي پوليس، ايس ايس پي گهوٽڪي، ڊي آءِ جي ڪو به ايڪشن وٺڻ لاءِ تيار ناهن. ان لاءِ چيف جسٽس کي عرض ڪيو آهي ته اسان جو ڪيس هتي هلايو وڃي. سندس چوڻ هو ته اصل جوابدار سرعام گهمي رهيا آهن، ابتو اسان کي ڌمڪائي رهيا آهن. ماتحت عدالت ۾ هو سوين هٿياربند رستن تي بيهاري ٿا ڇڏين جنهن ڪري اسان کي خطرو آهي، ان لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ پهتا آهيون.
شهيد نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس مان دهشتگردي جا قلم خارج، خالد لنڊ خلاف ڪي به ثبوت نه مليا: جاچ آفيسر
گهوٽڪي (رپورٽ: آزاد مھر) شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس مان دهشتگردي جا قلم خارج، ڪيس جي جاچ آفيسر سراج احمد لاشاري جو چوڻ آهي ته ڪيس جي جاچ دوران 5 جوابدارن نور محمد، شهباز لنڊ، عبدالله، برڪت، اصغر لنڊ جي ملوث هئڻ جون شاهديون مليون آهن، جڏهن ته مڪمل جاچ دوران خالد لنڊ جو ڪٿي به ڪنيڪشن ناهي مليو، ان ڪري ان کي بيگناھ قرار ڏئي سندس نالو ڪيس مان خارج ڪيو ويو آهي، ڪيس قانوني راءِ لاءِ پراسيڪيوٽر وٽ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي، سراج الدين لاشاري ميرپورماٿيلو جي عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته صحافي نصرالله ڪيس جي جاچ پهرين تاريخ تي ئي مڪمل ڪري ڇڏي آهي، ڪيس جي جاچ دوران جوابدار نورمحمد لنڊ،شهباز لنڊ، عبدالله لنڊ منصوبا ساز ۽ برڪت ۽ اصغر قتل ڪندڙ طور شاهديون مليون آهن جڏهن ته خالد لنڊ جو ڪيس جي سموري جاچ دوران ڪٿي به ڪو ڪنيڪشن ناهي مليو ان ڪري کيس بيگناھ قرار ڏئي سندس نالو ڪيس مان خارج ڪيو ويو آهي. سراج الدين لاشاري وڌيڪ چيو ته هي ڪيس ذاتي انتقام جي بنياد تي آهي ان ڪري اهو اي ٽي سي ۾ فعال نٿو ڪري ان ڪري ڪيس مان دهشتگردي جا قلم ختم ڪري ڇڏيا آهن، ان باوجود ڪيس قانوني راءِ لاءِ پراسيڪيوٽر وٽ جمع ڪرايو آهي، جنهن بعد ڪيس جو چالان عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو، وڌيڪ جيڪو عدالت جو حڪم ھوندو ان تي عمل ڪيو ويندو. صحافين جي سوالن جي جواب ۾ جاچ آفيسر سراج الدين لاشاري چيو ته شهيد نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس ۾ 3 جوابدارن نورمحمد لنڊ، شهباز لنڊ ۽ عبدالله لنڊ جي منصوبا ساز طور شاهديون مليون آهن، جڏهن ته برڪت ۽ اصغر نصرالله گڏاڻي جي قتل ۾ سڌو سنئون ملوث آهن، پنجن ئي جوابدارن جا نالا ڪيس ۾ چالان ڪيا ويندا.