لکي غلام شاهه ۾ ڪارنهن الزام هيٺ مرد ۽ عورت گوليون هڻي قتل

لکي غلام شاهه (رپورٽ: نديم جان مهر) لکي غلام شاهه ۾ رستم ويجهو ڪوٽ شاهو ٿاڻي جي حد ڳوٺ ننگر لاليجو ۾ ڪارنهن الزام هيٺ مرد ۽ عورت کي قتل ڪيو ويو. لاليجا برادري جي ماڻهن ڪارنهن الزام  هيٺ شعبان پٽ علي محمد قادراڻي جتوئي کي ناري گلابي خاتون ڌيءُ جمن لاليجو سان ڪارنهن الزام مڙهي گوليون هڻي قتل ڪيو. مقتول شعبان قادراڻي جو لاش چڱن مڙسن وچ ۾ پئجي وصول ڪيو ۽ وارثن کي ڏنو جن لاش ٿاڻي آندو ۽ پوءِ اسپتال مان پوسٽ مارٽم کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو. ناري جو لاش ڳجهه ڳوهه ۾ بنا غسل ۽ ڪدفن جي دفن ڪيو ويو. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.