ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ بلوچ يڪجهتي ڪاميٽي پاران بلوچ راجي مچي گوادر ۾ شرڪت دوران مارجي ويل ۽ زخمي ٿيل سياسي ڪارڪنن کي ڏيئا ٻاري ۽ مشعل بردار واڪ ڪري ڀيٽا پيش ڪئي وئي. لياري جي اٺ چوڪ کان ڪينڊل واڪ ڪئي وئي ۽ بلوچ چوڪ چاڪيواڙا تي پڄاڻي تي پهتي جنهن جي اڳواڻي فوزيا بلوچ ۽ لالا وهاب ڪري رهيا هئا. مقررن چيو ته نوشڪي ۾ حمدان بلوچ کي گولين جو نشانو بڻايو ويو، رياستي جبر ڪري ڪارڪنن کي نشانو بڻايو ويو ۽ 100 کان وڌيڪ زخمي ۽ 4 ڄڻا مارجي ويا. مرڪزي ڌرڻو جاري آهي ۽ تربت، نوشڪي، ڪوئيٽا، دالبندين سميت ٻين ضلعن ۾ ڌرڻا هنيا ويا آهن. راجي مچي مڪمل طور تي پرامن ۽ جمهوريت جدوجهد جو تسلسل آهي، رياست رنڊڪون بيهاري عوام کي آئين ۽ قانون ۾ رهندي به آواز اٿارڻ کان روڪڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي. بلوچ عوام متحد آهي