رياست پنهنجي ظلم ۽ بربريت کي ڪنهن به صورت ۾ ختم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي: ماه رنگ بلوچ

گوادر (م ڊ) بلوچ يڪجهتي رابطا ڪميٽي جي اڳواڻ ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته جيئند ۽ شيرباز سميت اسان جا ڪيترائي ڪامريڊ هن وقت جبري طور گم آهن ۽ سوين ماڻهو بلوچستان جي جيلن ۾ بند آهن. گوادر ڌرڻي جو اڄ يارنهن ڏينهن آهي. اسان انصاف لاءِ گذريل يارنهن ڏينهن  کان گوادر ۾ ڌرڻي تي ويٺا آهيون، پر رياست هن ڌرڻي جي آئيني ۽ قانوني مطالبن کي مڃڻ بدران گوادر سميت سڄي مڪران ۾ ڪرفيو لاڳو ڪري ڇڏيو آهي. گذريل 11 ڏينهن کان نيٽ ورڪ ۽ انٽرنيٽ بند هجڻ سبب گوادر ۽ تربت جو ٻين علائقن سان رابطو ڪٽجي ويو آهي، کاڌ خوراڪ ۽ دوائن جي کوٽ ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي. ڪرفيو جهڙي صورتحال ۾ ماهيگير ۽ مزدور سخت متاثر ٿيا آهن، سندن روزگار جا سمورا ذريعا بند ٿي ويا آهن. هن چيو ته گوادر جي عوام جون حالتون انتهائي خراب آهن، پر هي رياست پنهنجي ظلم ۽ بربريت کي ڪنهن به صورت ۾ ختم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. مان بلوچ عوام سميت عالمي دنيا کي اپيل ڪريان ٿو ته اسان جي گرفتار ڪامريڊن کي آزاد ڪري گوادر ۾ جاري رياستي ظلمن خلاف آواز اٿارين. بلوچستان ۾ رياستي جبر خلاف جيترو آواز اٿاري سگهو اٿاريو. هن وقت خاموشي اسان جي اجتماعي موت ۽ هڪ سنگين انساني بحران کي جنم ڏيندي. ٻي پاسي وائيس آف آمريڪا کي انٽرويو ڏيندي مها رنگ بلوچ چيو ته بلوچستان جو معاشي استحصال ڪيو پيو وڃي، بلوچستان ۾ هلندڙ ميگا پراجيڪٽ مان مقامي ماڻهو ڪو به فائدو نٿو ملي سگهي، سياسي پارٽيون بلوچ عوام جو آواز نه پيون بڻجن، بلوچ قومي ميڙاڪي جو مقصد بلوچن کي گڏ ڪرڻ آهي، جبري گمشدگين ۽ بلوچن جي نسل ڪشي بند ڪرڻ آهي، بلوچستان حڪومت دعويٰ ڪري ٿي ته بلوچ يڪجهتي ڪميٽي سان ڳالهين جو ٻيو دور شروع ٿي چڪو آهي پر حڪومت آئين ۽ قانون تحت بي اي سي جا مطالبا مڃڻ لاءِ تيار ناهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.