اسٽيبلشمينٽ جي شان ۾ قصيدا،عوام جا حقيقي مسئلا حل ٿي ويا؟

اسلام آباد(عمران شفقت+عمر چيما)وزيراعظم ڪالهه پنهنجي تقرير ۾ آرمي چيف کي سپهه سالار ڪوٺڻ سان گڏ هن جي شان ۾ جيڪي قصيدا پڙهيا آهن ان کانپوءِ ڪهڙي ضمانت آهي ته هي حڪومت جاري رهندي؟ شهبازشريف پهريون وزيراعظم جنهن پنهنجي ملازم جي ڳالهين کي ”مشعل راهه“ قرار ڏنو آهي،شهبازشريف اهو به اعتراف ڪيو ته ادارن ۽ حڪومت ۾ جيڪا”پيار محبت“ جي فضا آهي ان کان اڳ ڪڏهن به نه هئي، وزيراعظم جيڪو اعتراف ڪيو آهي پوءِ ذميواري به ايتري ئي آهي،بنگلاديش ۾ عالمي اسٽيبلشمينٽ جا پنهنجا مفاد هوندا ان جي باوجود بنگالي عوام جا حقيقي مسئلا به موجود هئا،ماڻهو گهرن مان نڪتا،پاڪستان ۾ هڪ ٻئي جي ساراهه ڪري هڪ پيج تي هام ته هنئي وڃي ٿي پر ماڻهن کي ان جو ڪهڙو فائدو آهي؟ شهبازشريف جي خدمت ۾ عرض ڪجي ٿو ته فوج آئيني ادارو ناهي، اهو حڪومت جو ماتحت ادارو آهي، ان جو پاڪستان جي آئين ۾ ذڪر آهي،ٻيو ته ادارن جي ان ”اتحاد“ مان ماڻهن کي ڪو فائدو نه پيو پهچي ته ان ”اتفاق،اتحاد“ جو چاٽ کائيندا؟صدر مملڪت پاران اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميمي بل تي صحيح کانپوءِ حڪومت کي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت حاصل ٿي چڪي آهي، هاڻي ٿي سگهي ٿو پارليامينٽ عمران خان کي نوازيندڙ ججن جي حوالي سان ڪا ترميم ڪري؟پهريون سوال اهو آهي ته  حڪومت عمران نالي فتنو ختم ڪري سندس حامي ججن جو به علاج ڪري ماڻهن جا بنيادي مسئلا حل ڪري سگهندي؟هڪ اهم شخصيت جو اهو ڊائلاگ نٿو وسري ته شهباز حڪومت کي عمران خان ۽ جج کائين نه کائين بجلي جا بل ضرور کائي ويندا،حڪومت مسئلا حل نه ڪري سگهي ته پاڪستان ۽ چين جا دشمن تمام وڏي انارڪي کڻي ايندا،الله رحم ڪري پاڪستان جي سالميت جو اشو بڻجي ويندو،هڪ سال جيل ۾ رهڻ باوجود عمران خان ڪجهه نه ڪري سگهيو،نه پي ٽي آءِ وارا ڪو اپ سيٽ آڻي سگهيا،ڇا عاصم منير جي تعريف ڪري،سپريم ڪورٽ جي 8 ججن کي گهر ڀيڙو ڪري،عمران خان کي سزا ڏياري ماڻهن جا مسئلا حل ٿي ويندا؟اهو وساري ڇڏيو ته عمران خان لاءِ ڪو گهران نڪرندو باقي اهو آهي ته بجلي جي بلن تي عمران خان ماڻهن کي روڊن تي آڻي سگهي ٿو،جهنگ ۾ هڪ پيءُ بک جي ڪري پنهنجي معصوم ڌيئرن کي قتل ڪري پاڻ کي پوليس حوالي ڪيو،اهو نارمل حالتون نه هئڻ جي نشاني آهي،بجلي جي بل تي ڀاءُ ڀاءُ کي قتل ڪري ڇڏيو،عمران خان 13 آگسٽ تي ماڻهو ڪڍڻ جي زبردست چال هلائي آهي،معاشي صورتحال عمران خان جي فائدي ۾ ناهي،چين پاڪستان ۾ پنهنجا پر پکيڙي رهيو آهي ان کي روڪڻ لاءِ عالمي اسٽيبلشمينٽ به ميدان تي لٿل آهي،عالمي اسٽيبلشمينٽ جون چالون روڪڻ  لاءِ رياستي ادارن جي ڪا تياري ٿيل آهي؟عمران خان جو ملڪ ۾ ڪجهه”وڏو“ ٿيڻ وارو بيان نظرانداز نٿو ڪري سگهجي،اهو بنگلاديش پارٽ ٽو به ٿي سگهي ٿو،بنگلاديش صورتحال کي هلڪو وٺڻ وڏي حماقت هوندي،ٻئي پاسي آرمي چيف عالمن کي خطاب ۾ احتجاج جي حوالي سان پي ٽي آءِ ۽ عمران خان کي هڪ قسم جي وارننگ ڏئي ڇڏي آهي،موجوده آرمي چيف جي هوندي عمران خان جي اسٽيبلشمينٽ سان ڊيل ٿيڻ جو ڪو به امڪان ناهي،جنرل عاصم منير ڪنهن دور ۾ عمران خان کي مسيحا سمجهندو هو پر کيس ويجهو ڏسڻ کانپوءِ هن جي سوچ تبديل ٿي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، جمعو 09 آگسٽ 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.