شهبازشريف کي وزيراعظم جي عهدي جي لڄ رکڻ گهرجي

اسلام آباد(تجزيو: رئوف ڪلاسرا)اسٽيبلشمينٽ عمران خان جي دونهيندار بيانن جي ڪري ئي شهبازشريف،آصف زرداري،بلاول ۽ مريم  نواز جي ويجهو وئي آهي، عمران جيڪڏهن ٻه چار مهينا چپ ڪري ويهي ته صورتحال هن جي حق ۾ وڃي سگهي ٿي پر هن کي پنهنجي ورڪرن کي موبلائز رکڻو آهي،ان ڪري ڪو نه ڪو ڀنڊ ڪري ڇڏيندو آهي،هن کي پنهنجي غلطين جو احساس ڪرڻو پوندو،عوام جي حالت خراب آهي، پاڪستان ۾ صورتحال بنگلاديش جهڙي آهي،ٻئي پاسي وزيراعظم پاران کلي عام آرمي چيف لاءِ ڪيل تقرير تي جنرل عاصم منير کي خوش ٿيڻ گهرجي يا ڳڻتي ڪرڻ گهرجي،شهبازشريف لاءِ مشهور آهي ته هن جو وس هلي ته اجلاسن ۾ آرمي چيف کي گڏ ڪرسي رکي ويهاري،هن عالمن آڏو جيڪا تقرير ڪئي ته پوءِ سپهه سالار به سمجهندو ته هي ته ايترا ڪمزور آهن جو انهن کي منهنجي سهاري حڪومت ڪرڻي پئجي رهي آهي،شهبازشريف ملڪ جو وزيراعظم آهي، آرمي چيف ته سندس اهڙي نموني ساراهه نه ڪئي،شهبازشريف کي وزيراعظم جي عهدي جي ته لڄ رکڻ گهرجي ها،سويلين حڪومت پاران اهڙي نموني قصيدا پڙهڻ تي ٿي سگهي ٿو آرمي چيف ۽ اسٽيبلشمينٽ کي اها ڳالهه نه وڻي،ماڻهو ته اهو سمجهندا ته جيئن عمران دور ۾ باجوا حڪومت هلائيندو هو هاڻي شهباز دور ۾ جنرل عاصم منير پيو هلائي،جنرل عاصم منير کي باجوا جي غلطين مان سکڻ گهرجي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، جمعو 09 آگسٽ 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.