اسلام آباد(م ڊ)سنڌ جي اڳوڻي گورنر محمد زبير چيو آهي ته عمران خان سدائين يوٽرن وٺندو آهي پر هو جيڪو به ڳالهائيندو آهي ان کي سندس چاهيندڙ وڏي مڃتا ڏيندا آهن، هن کي پنهنجي اڳ ڪيل ڳالهين جو ڪو به فڪر ناهي هوندو،سياستدان مصطفيٰ نواز کوکر چيو ته عمران خان جيل ۾ هئڻ باوجود بيانيو ڏئي رهيو آهي، صبح جو اخبارون پڙهندا ته توهان کي رڳو عمران خان نظر ايندو، مسئلو اهو آهي ته حڪومت وٽ ٻڌائڻ لاءِ ڪجهه ناهي، نوازشريف عوام کان لاتعلق بڻيل آهي، وزيراعظم هڪ ڀيرو ٻيهر آرمي چيف جي خوشامد جي انتها ڪري ڇڏي،حڪومت ڊليور نه پئي ڪري سگهي، هن چيو ته هن وقت 50 سيڪڙو ملڪ انتهائي غربت جي لڪير هيٺيان اچي ويو آهي،ماڻهو بجلي،گئس جا بل نه پيا ڏئي سگهن، ٻارن جي فيس ادا نه پيا ڪري سگهن، 72 سيڪڙو پاڪستاني هن وقت پنهنجو گذارو نه پيا ڪري سگهن،