اسلام آباد (م ڊ) ملڪ جي مالياتي معاملن کي سنڀاليندڙ ناڻي واري وزارت قاعدن جي ڀڃڪڙي ڪندي وفاقي ڪابينا جي منظوري کانسواءِ پنهنجي کاتي جي ملازمن ۾ 24 ڪروڙ رپيا بونس طور ورهايا آهن. مٿان وري زخمن تي لوڻ ٻرڪيندي اهو بونس پگهارن ۾ شامل نه ڪري ان تان ٽئڪس جي به ڪٽوتي نه ڪئي وئي آهي. ان ڳالهه جو انڪشاف آڊيٽر جنرل آف پاڪستان جي رپورٽ ۾ ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ چيو ويو ته مالي سال 23-2022 دوران فنانس ڊويزن ملازمن کي چار پگهارون بونس ڏئي انهن منجهه 24 ڪروڙ، هڪ لک 67 هزار رپيا خرچ ڪيا. رپورٽ ۾ اها رقم واپس وٺڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.