حڪومت سنجيدگي نه ڏيکاري ته ”بل نه ڀريو“ تحريڪ هلائينداسين: حافظ نعيم

راولپنڊي(م ڊ) امير جماعت اسلامي حافظ نعيم الرحمان اڄ 8 آگسٽ تي مري روڊ ڏانهن مارچ ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته حڪومتي ڪميٽي گم ٿي وئي آهي، حڪومت سنجيدگي نه ڏيکاري ته بل نه ڀريو تحريڪ  شروع ڪنداسين.جماعت اسلامي جو راولپندي ۾ 13هين ڏينهن به ڌرڻو جاري رهيو، ڌرڻي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حافظ نعيم چيو ته اسان جو ڌرڻو نه سياسي آهي ۽ نه ئي اسان جا ذاتي مطالبا آهن، پاڪستان هن وقت خراب صورتحال ۾ آهي، حڪومت کي ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي.هن چيو ته اسان حڪومت کان اهي ئي مطالبا ڪيا آهن جيڪي حڪومت جي وس ۾ آهن، پر حڪومت ڳالهين ۾ سنجيده نه آهي، 2 ملاقاتون ڪرڻ کانپوءِ ڪميٽي گم ٿي وئي، ڪالهه ٻيهر رابطو ڪيو آهي، اسان وري به ويلڪم ڪيو.هن وڌيڪ چيو ته اڄ اسين مري روڊ ڏانهن مارچ ڪنداسين، 11 آگسٽ تي لاهور، 12 آگسٽ تي پشاور ۽ 16 آگسٽ تي ملتان ۾ ڌرڻا مارچ ڪنداسين.حافظ نعيم چيو ته فرانزڪ آڊٽ ۾ پتو پوندو ته آءِ پي پيز جا ڪيترا معاهدا غلط ٿيا، جڏهن پيٽرول تي ليوي ختم ڪرڻ جو چئون ٿا ته اهو پئسو ڪٿان ايندو.حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته حڪومت ذميواري جو مظاهرو ڪري، غريبن کي مهانگي بجلي ۽ ٽيڪس جي عذاب مان ڇوٽڪارو ڏياري، صنعتون بند ٿي رهيون آهن، معاشي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ٽيڪس سليب ختم ڪرڻ گهرجن. پگهاردار طبقو پوئتي رهجي ويو آهي ۽ ٽيڪسن جي صورت ۾ وڌيڪ بار آهي.پگهار ايتري نه وڌي آهي جيترو ٽيڪس ادا ڪيو پيو وڃي. عوام جيڪا بجلي استعمال نه ڪئي ان جا بل ڇو ادا ڪيا وڃن، اسان جا سمورا مطالبا جائز آهن، جڏهن ملڪيت تي ٽيڪس لڳندو آهي ته پوءِ زميندارن کي ٽيڪس ڏيڻ جو ڪهڙو مسئلو آهي؟جڏهن حڪومت تسليم ڪري ته مطالبا بلڪل درست آهن ته پوءِ اڳتي وڌي انهن کي منظور ڪيو وڃي. جيڪڏهن حڪومت کي قرض وٺڻ جو شوق آهي ته پوءِ مسئلا حل ڪرڻ ۾ ڪهڙو حرج آهي؟ اسان کي قرضن جو ڪو مسئلو ناهي، حڪومت مسئلا حل ڪري ته ڪريڊٽ انهن ڏانهن ويندو. پر جيڪڏهن اهي ضدي رهيا ۽ مسئلا حل نه ٿيا ته پوءِ اهو ڌرڻو هڪ نه پر هر چوڪ تي هوندو. اسان اڳ ۾ ئي سمورن صوبائي هيڊ ڪوارٽرن تي ڌرڻن جو اعلان ڪري چڪا آهيون.ايندڙ مرحلي ۾ روڊن رستن تي ڌرڻا، ڦيٿا جام ڪري هڙتال جو سڏ ڏنو ويندو. عوام اسان سان گڏ آهي ۽ مسئلن جو حل چاهي ٿو. اها حقيقت آهي ته هڪ ايماندار آفيسر چاهي هو پوليس جو سپاهي هجي، آرمي جو جنرل هجي، عام سرڪاري هجي يا پرائيويٽ ملازم هجي يا مزدور هجي يا مسجد جو امام حلال ڪمائي سان بجليءَ جو بل ادا نٿو ڪري سگهي، سڀ پريشان آهن. جيڪي ماڻهو ڦرلٽ ۽ ڪرپشن ذريعي کائي رهيا آهن، انهن کي ڪو به مسئلو ناهي، اهي هن ڌرڻي تي تنقيد ڪري رهيا آهن، عام ماڻهو کان پڇو ته هو ڪيترو پريشان آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.